افغانين جي روڪ لاءِ اهم قدم، پناهگير ڪارڊ ٺهڻ بند ٿي ويا

اسلام آباد (م ڊ) غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ايڪشن جي تياري شروع ٿي وئي ۽ نادرا افغانستان مان ايندڙن لاءِ رفيوجي ڪارڊ ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيا آهن. نادرا ترجمان جو چوڻ آهي ته رفيوجي ڪارڊ جي بندش کانپوءِ هاڻ ڪو به  نئون افغاني پناهگير طور رجسٽرڊ نه ٿي سگهندو. ترجمان چيو ته جن افغانين وٽ رفيوجي ڪارڊ هئا، انهن جي ويليڊيشن به بند آهي، جيڪا مارچ کان ئي بند ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان مان غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ ۽ انهن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.