لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ مفاهمتي پاليسي جو حامي گروپ نوازشريف جي وطن واپسي ۾ دير لاءِ سرگرم ٿي ويو ۽ نواز شريف جي وطن واپسي کي في الحال ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. ذريعن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته مصالحتي گروپ به پنهنجي تجويز کان نواز شريف کي آگاهه ڪيو آهي پر نواز شريف ان تجويز تي فوري طور تي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مفاهمتي گروپ جو موقف آهي ته عوام هن وقت مهانگائي، بيروزگاري ۽ وڌ کان وڌ يوٽيلٽي بلن جي حوالي سان پريشان آهي، نواز شريف جي وطن واپسي ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي، شهباز شريف، مريم نواز ۽ حمزه شهباز لاهور ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪري عوام جي راءِ کي محسوس ڪيو آهي، ان ڪري موجوده صورتحال ۾ عوام کان نواز شريف جي باوقار استقبال جي اميد رکڻ مناسب ناهي
نواز شريف جي 21 آڪٽوبر تي واپسي پڪي، ڪا به تبديلي نه ٿيندي: عرفان صديقي
لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي واري پروگرام ۾ ڪنهن به تبديلي جي ترديد ڪري ڇڏي. سينيٽر عرفان صديقي لنڊن ۾ پارٽي سربراهه نواز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ هڪ بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي جو پروگرام فائنل ٿي ويو آهي، 21 آڪٽوبر تي سندس وطن واپسي جو پروگرام حتمي آهي. عرفان صديقي چيو ته نواز شريف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ عمري جي لاءِ سعودي عرب روانو ٿيندو، عمري جي ادائگي کانپوءِ هو گڏيل عرب امارات روانو ٿيندو.عرفان صديقي چيو ته مصالحتي گروپ پاران نواز شريف کي پاڪستان اچڻ جو پروگرام تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏيڻ جون خبرون ڪوڙ آهن، مسلم ليگ ن ۾ ڪا به مصالحت يا مزاحمتي گروپ ناهي. ان حوالي سان ميڊيا ۾ هلندڙ خود ساخته خبرون ۾ ڪا به صداقت ناهي.
جوابدارن جون گرفتاريون روڪي ڏوهن لاءِ لائسنس ڏيون ڇا: سپريم ڪورٽ
اسلام آباد (م ڊ) سُپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس طارق مسعود ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته جوابدار کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي، اِهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي؟ ڇا عدالتون جوبدار کي ڏوهه ڪرڻ جو لائسنس ڏئي رهيون آهن؟ . سُپريم ڪورٽ جي جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پرويز الاهي پاران لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته ڪوڙو ڪيس ٺاهي سندس اصيل کي گرفتار ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي توهين ڪئي وئي.ان تي جسٽس طارق مسعود پڇاڻو ڪيو ته جوابدار کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي، اِهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي؟ ڇا عدالتون جوابدار کي ڏوهه ڪرڻ جو لائسنس ڏئي رهيون آهن؟ لطيف کوسا چيو ته اڄڪلهه عدليا ۽ عام شهرين سان مذاق ٿي رهيو آهي، هي به مذاق ئي آهي ضمانت ملڻ کانپوءِ وري ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو. جسٽس طارق لطيف کوسا سان مڪالمو ڪيو ته مذاق ته ستر ورهين کان جاري آهي. لطيف کوسا چيو ته مثال ڪيئن نه ڏيان، پوءِ سان سان اهڙي قسم جو ورتاءُ بند ڪيو وڃي، منهنجي اکين آڏو غنڊا آيا ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي کنڀي کڻي ويا. ان دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته لطيف کوسا صاحب قانون بابت ڳالهايو، اوهان جذباتي نه ٿيو جن کي اوهان غنڊا پيا ڪوٺيو، هاءِ ڪورٽ لکيو اِها اسلام آباد پوليس هئي.