سپريم ڪورٽ ثقافتي وفد جي ٻاهرين ملڪ پابندي وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي ثقافت کاتي صوبي جي ثقافت کي قومي ۽ عالمي سطح تي هٿي ڏيارڻ لاءِ قانوني ميدان ۾ ڪاميابي ماڻي آهي،  سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ  سکر بينچ جي ثقافتي وفد کي صوبي مان ٻاهر وٺي وڃڻ واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان هاڻي صوبي جي ثقافت کي سڄي دنيا ۾ ان جو هاڪاري اميج ڦهلائڻ ۾ مدد ملندي . ثقافت ۽ راندين واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه جي هدايت تي کاتي جي قانوني ٽيم عدالت آڏو ڪيس جي ٻڌڻي  ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي جي ثقافتي سرگرمين بابت مضبوط ۽ منطقي دليل پيش ڪيا جنھن جي نتيجي ۾ ثقافت کاتي جي مؤقف کي تسليم ڪندي سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي، سکر بينچ ثقافت کاتي کي صوبي کان ٻاهر وفد وٺي وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. سنڌ جي صوبائي ثقافت واري وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پابندي سبب سڄي دنيا ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ کان محروم هئاسين. ملڪي ۽عالمي سطح تي پنهنجي ثقافت کي هٿي ڏيارڻ اسان جو آئيني حق آهي، صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ثقافتي سرگرميون ڪرڻ، پنھنجي ثقافت جي نمائندگي ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تاثر ڦهلائڻ اسان جو فرض پڻ آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.