اسلام آباد: (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کان نااهلي جو فيصلو معطل ڪرائڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. عمران خان جي نااهلي جو فيصلو معطل ڪرائڻ جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن توشا خانا ڪيس ۾ سزا کان پوءِ نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي نااهلي جو نوٽيفيشن توشا خانه ڪيس ۾ سزا جي بنياد تي جاري ٿيو ان لاءِ اليڪشن ڪميشن کان جاري نااهلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي.