ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ ۾ پي ايس ٽي،جي ايس ٽي اميدوارن کي صوبي ۾ 33مارڪس تي پاس ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،عدالت تعليم کاتي سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏياآهن .عدالت جواب طلب ڪندي ڪيس 2نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي .درخواستگذارن پنهنجي موقف چيو ته هارڊايريا جو جوازٺاهي پنهنجن ماڻهن کي 33مارڪس تي پاس ڪيو ويو آهي .اسان چاهيون ٿا سنڌ ۾ هڪ قانون هجي،سنڌجي سمورن اميدوارن کي 33مارڪن تي پاس قرار ڏنو وڃي .
ڪراچي ۾ نوجوان جي اغوا واقعي جو ڊراپ سين
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ 17 ورهين جي نوجوان جي اغوا واري واقعي جو ڊراپ سين ڪراچي ۾ 17 ورهين جي عاشق پنهنجي مامي کان پئسا وٺڻ لاءِ اغوا جو ڪوڙو ڊرامو ڪيو ، پر پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي شاهراهه نور جهان ۾ 17 ورهين جي نوجوان جي اغوا جو واقعو پيش آيو .پوليس جو چوڻ آهي ته شهري طارق حسين شاهه پنهنجي ڀاڻج محمد حسن ولد نعيم سنڌو جي مبينا اغوا جو ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس جي فريادي طارق حسين شاهه موجب نوجوان محمد حسن فون تي ٻڌايو ته کيس چئن ڄڻن اغوا ڪري 50 هزار رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي،پوليس سي پي ايل سي سينٽرل جي مدد سان معلوم ڪيو ته نوجوان اغوا جو ڊرامو ڪيو آهي، جنهن بعد پوليس نوجوان کي گرفتار ڪري ورتو. نوجوان حسن اغوا ڊرامي جو اعتراف ڪندي چيو ته پسند جي شادي ڪئي هئي، کيس ساهرن کي 50 هزار رپيا ڏيڻا هئا گهر وارا پسند جي شادي ۾ راضي نه هئا ان جي ڪري ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو .
پي آءِ بي ڪالوني ۾ ناري جي قتل ۾ سندس مامِي ملوث نڪتي
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي پي آءِ بي ڪالوني ۾ 17 سالن جي نوجوان ناريءَ جي قتل ۾ سندس مامِي ملوث نڪتي، قاتل عورت مهناز عرف ببلي جي مڙس ۽ سٽي وارڊن جي ملازم پوليس کي پنهنجي گهرواري جي ڏوهه باسڻ بابت آگاهه ڪيو، پوليس فوري طور عورت کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب عورت مهناز پنهنجي بيان ۾ ڏوهه باسيندي چيو آهي ته چوريءَ جي نيت سان نڻان جي گهر ۾ داخل ٿيس، واردات دوران مڙس جي ڀاڻيجي فضا جاڳي پئي، جوابدار عورت چيو ته فضا جي مٿي تي هٿوڙا هڻي زخمي ڪرڻ بعد کيس گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو، پوليس واردات ۾ استعمال ٿيل هٿوڙو ۽ چوري ڪيل رقم ۽ زيور هٿ ڪري ورتا
کنڊ جو اگهه پنجاب سرڪار مقرر ڪري: لاهور هاءِ ڪورٽ
لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ وفاقي حڪومت طرفان کنڊ جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن خلاف داخل سموريون درخاوستون ۽ اپيلون منظور ڪندي وفاقي سيڪريٽري ڪنٽرولر جنرل جو کنڊ جي قيمت مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت قرار ڏنو ته کنڊ جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار صوبن جو آهي، عدالت فيصلي ۾ باور ڪرايو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار صوبن جو آهي
سازشي ڪردار انجام تي پهچي ويا، هاڻ ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي: مريم نواز
لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته سمورا سازشي ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي چڪا آهن. هاڻ اسان کي پاڪستان جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو آهي. پاڪستان مسلم ليگ(ن) اقليتي ونگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مريم نوازشريف چيو ته 21 آڪٽوبر تي مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي. 2013 کان 2018 تائين نوازشريف جي دور ۾ مهانگائي ڪنٽرول ۾ رهي. نوازشريف کي ملڪ مان ڪڍيو ويو ته ملڪ مان ترقي ۽ خوشحالي، نڪري وئي ان سان گڏ امن ۽ سڪون به نڪري ويو. مريم نوازشريف چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي ڪڌن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو. رت جون نديون وهايو ويون،هن چيو ته اڄ پاڪستان جي اقليتن جا خوبصورت رنگ هتي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، نوازشريف ڪڏهن به مسلم ۽ غير مسلم پاڪستانين جي حقن ۾ ڪڏهن به فرق نه رکيو.
روس جي وڌندڙ اثر و رسوخ جو ڪريڊٽ پيوٽن کي وڃي ٿو: هيلري ڪلنٽن
واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن چيو آهي ته دنيا ۾ روس جي وڌندڙ اثر و رسوخ جو ڪريڊٽ صدر ولاديمير پيوٽن کي وڃي ٿو. آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته روسي صدر ۽ سندس ٽيم جو ٻين ملڪن ۾ لڪيل يا ظاهري دخل اندازي جو مقصد جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سياسي اڳواڻن کي ناڪام بڻائڻ آهي. هن چيو ته روسي صدر جي انهن دخل اندازين مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو دنيا ۾ پنهنجو اثر و رسوخ وڌائڻ لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. يوڪرين کي وڌيڪ امداد ڏيڻ جي حوالي سان آمريڪي ڪانگريس ۾ موجوده بحثن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته منهنجي خيال ۾ روسي صدر ان ورهانڱي مان تمام گهڻو خوش آهي