19ضلعن ۾ هڪ لک ڪتا کَسي ڪرڻ جو فيصلو، 96ڪروڙ 33 لک رپين جي منظوري

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر)سنڌ حڪومت پاران صوبي جي 19 ضلعن جي تقريبن هڪ لک رولو ڪتن کي کَسي ڪرڻ جو فيصلو ، ٻن سالن جي منصوبي لاءِ96 ڪروڙ 33 لک رپين جي منظوري، تفصيل موجب سنڌ  حڪومت ڪتن کي کَسي ڪرڻ واري پروگرام جي نئين سر منظوري ڏيندي منصوبي کي سنڌ جي 19 ضلعن تائين ڦھلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻن سالن جي منصوبي کي  آڪٽوبر 2023 کان 2025 تائين جاري رهندو، منصوبي تي96 ڪروڙ 33 لک 16 هزار روپيا خرچ ٿيندا جڏهن ته ڪتا کَسي ڪرڻ وارو منصوبو سنڌ جي 19 ضلعن جن ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن ڪياماڙي، ملير، اولهھ، اوڀر، ڏکڻ، سينٽرل، ڪورنگي جي ضلعن ۽ تعلقن جي سمورن ڳوٺن کي شامل ڪيو ويو آهي اهڙي طرح حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، مٽياري، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، عمرڪوٽ جي سمورن تعلقن ۽ ڳوٺن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، خيرپور ۽ بدين ضلعن جي صرف تعلقن کي ڪتا کَسي ڪرڻ واري منصوبي ۾شامل ڪيو ويو آهي اهڙي طرح ضلعو ٺٽو ۽ بدين جي ڪنهن به ڳوٺ کي منصوبي ۾ شامل ناهي ڪيو ويو،اهڙي طرح منصوبي جي پي سي ون ٺاهيندڙ عملدارن ٺٽي ضلعي جي شهر جهمپير کي تعلقو قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ان جي جاگرافيائي حيثيت يونين ڪائونسل آهي.ڪتا کَسي واري منصوبي ۾ مڪاني کاتي جي اداري ڪلڪ ذريعي سنڌ جي 19 ضلعن ۾ 12 يونٽ قائم ڪيا ويندا جن ۾ ڪراچي جي موجودہ ٽي يونٽن کي پڻ بحال ڪيو ويندو ۽ مجموعي طور 23 يونٽ قائم ڪيا ويندا، جتي ٽيڪنيڪل اسٽاف توڙي جانورن جي ماهر ڊاڪٽرن، ڪي ايم سي ، ڪماني کاتي، لائيواسٽاڪ کاتي، زراعت کاتي کان  پڻ خدمتون ورتيون وينديون، رپورٽ موجب ڪتو کَسي ڪرڻ جي حوالي سان لائيو اسٽاڪ کاتي جي ماهر ڊاڪٽرن جي مدد سان نر ڪتي کي کَسي ڪرڻ لاءَ ان کي پڪڙي گاڏي ۾ وجهي سينٽرن ۽ قائم يونٽن تي آندو ويندو جتي ڪتن کسي ڪرڻ لاءَ غيرملڪي 13 قسمن جون اعلي معيار جون انجيڪشن لڳايون وينديون ۽ ڪتي کي کسي ڪرڻ بعد ان کي گهٽ ۾ گهٽ 12 ڪلاڪ ڪيمپ ۾ رکڻ بعدڪتي کي گاڏي ۾ کڻي ساڳئي هنڌ ڇڏيو ويندو، اهڙي طرح في ميل ڪُتي کي آپريشن ڪري سندس ٻچي داني جڙ مان ڪڍي ويندي ۽ ماده ڪُتي کي گهٽ ۾ گهٽ اڍائي ڏينهن سينٽر تي رکيو ويندو جتي ان جو کاڌ خوراڪ سان گڏ خيال پڻ رکيو ويندو، انگ اکرن موجب هڪ ڪتي کي کَسي ڪرڻ تي اٽڪل هڪ هزار روپيا خرچ ايندو،

ڪتن جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي: ماهر

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪتا کسي ڪرڻ واري پروگرام بابت ماهرن راءِ ڏيندي چيو آهي ته ڪتن جي آبادي تمام گهڻي تيزي سان وڌي رهي  آهي هڪ اندازي موجب هڪ سال دوران هڪ في ميل ڪتي 12 کان 16 (پپيز) گُلر پيدا ڪندي آهي جنهن سبب سمورن وسيلن کي استعمال ڪيو وڃي يا پراڻي طريقي موجب زهر ڏئي ڪتا ماريا وڃن ته پوءِ به 25 کان 30 سيڪڙو ٽارگيٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو،ماهر جو چوڻ آهي ته ڪتا نيوٽرل ڪرڻ واري پروگرام کي دنيا جا ترقي يا فته ملڪن طرز تي پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن سان ڪتن جي آبادي ۾ ڪنهن حد تائين گهٽائي اچي ويندي .

سنڌ ۾ 28 لک ڪتا، رڳو ڪراچي ۾ چار لکن جو انگ

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪتن جي آبادي ۾ تيزي سان وڌڻ جو انڪشاف ٿيو آهي هن وقت سنڌ صوبي ۾ ڪتن جي آبادي اٽڪل 28 لک  ظاهر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چار لک ڪتا ڪراچي ۾ موجود آهن مڪاني کاتي جي اداري ڪلڪ طرفان 2018 ۾ ڪتن جي سروي موجب صرف ڪراچي ۾ اڍائي لک ڪتا ڳڻيا ويا ، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪتا ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ٻين پوش علائقن ۾ هجڻ جو ٻڌايو ويو آهي ان جو سبب ڊفينس ۾ امير ماڻهن پاران ڪچري ڪنڊين ۾ ڦِٽي ڪئي ويندڙ خوشحال خوراڪ جي مقدار ۾ اضافو پڻ ٻڌايو ويو آهي.

مڪاني ۽ لائيواسٽاڪ کاتن ۾ تڪرار سبب پروگرام ناڪام ٿيو: جنيد اقبال

ڪراچي:ڪلڪ جي اڳوڻي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جنيد اقبال خان عوامي آواز سان ڳالهائيندي پنهنجي خلاف  الزامن جي ترديد ڪندي  چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪتا کَسي ڪرڻ واري پروگرام  جي ناڪامي جو سبب مڪاني کاتي ۽ لائيواسٽاڪ کاتي جي عملدارن ۾ تڪرار آهي جڏهن ته منصوبي کي لائيو اسٽاڪ کي هلائيڻو هو پر انهن وڏو عرصو پروگرام نه هلايو جڏهن مان آيس تي مون مڪاني کاتي کي چئي اهو  منصوبو شروع ڪيو ته وچ ۾ اچي  لائيو اسٽاڪ وارن مداخلت ڪئي جنهن سبب منصوبو جو ٽارگيٽ حاصل نه ڪري سگهياسين.

گذريل منصوبو ناڪام ٿيڻ ڪري 73 ڪروڙ واپس ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي: گذريل ٻن سالن وارو ڪراچي ڪتا کَسي ڪرڻ وارو منصوبو ناڪام ٿيڻ ڪري 73 ڪروڙ روپيا واپس وڃڻ جو انڪشاف  ٿيو آهي ، ان حوالي سان ڪلڪ جي ذريعن ٻڌايو آهي ته مڪاني کاتي جي اداري ڪلڪ کي ڪراچي ۾ ڪتا کَسي ڪرڻ واري منصوبي جي ذميواري ڏني وئي هئي جيڪو 12 اپريل 2020 کان جون 2023 ختم ٿيڻو هو ٻن سالن جي منصوبي لا3مجموعي بجٽ 85 ڪروڙ 8 لک 92 هزار روپيا مختص ڪيا ويا، جنهن مان صرف 11 ڪروڙ 24 لک 24 هزار روپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته منصوبي تي گهربل ٽارگيٽ پورو نه ڪرڻ سبب 73 ڪروڙ 84 لک 68 هزار روپيا ليپس ٿي ويا، ان حوالي سان ڪلڪ جي ذميوارن موجب ڪتا کَسي ڪرڻ واري پروگرام ۾ ناڪامي جو سبب اڳوڻو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جنيد اقبال هو جنهن منصوبي کي پنج مهينا هلائي بند ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.