شادي خوشي ۽ سڪون جو سبب، صحت لاءِ به فائديمند

آمريڪا ۽ جاپان ۾ ڪئي ويندڙ هڪ منفرد تحقيق سان خبر پئي آهي ته شادي انسان جي مجموعي صحت لاءِ فائديمند هوندي آهي، ان سان خوشي ۽ سڪون به حاصل ٿيندو آهي.
آمريڪا جي مشي گن يونيورسٽي ۽ سنگاپور مينيجمينٽ يونيورسٽي جي گڏيل تحقيق موجب شادي سان ماڻهن جي صحت ۾ بهتري ۽ خوشي ۾ واڌارو ٿيندو آهي.
تحقيق ۾ آمريڪا ۽ جاپان جي تقريبن 5 هزار بالغ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جن مان 3505 شادي شدا ۽ 308 غير شادي شدا آمريڪي، جڏهن ته 710 شادي شدا ۽ 164 غير شادي شدا جاپاني شامل هئا.
تحقيق سان خبر پئي ته غير شادي شدا ماڻهن جي ڀيٽ ۾ شادي شدا ماڻهن جي صحت ۽ زندگي پرسڪون ۽ اطمينان بخش هئي.
واضح رهي ته ان کان اڳ به مختلف تحقيقن ۾ شادي جا فائدا سامهون آيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.