نوازشريف اسٽيبلشمينٽ سان هڪ ٿي ويو؟عمران ٻيهر وزيراعظم وارو موقعو وڃايو؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عثمان ڊار گرفتار ٿيل هو اوچتو اينڪر ڪامران شاهد جي والد جي گهران برآمد ٿيو آهي، هاڻي ڪامران شاهد جي صحافت جي حوالي سان سوال اٿي رهيا آهن.

سينئر صحافي احمد نوراني  ڪامران شاهد کي اسٽيبلشمينٽ جو پاليل قرار ڏنو آهي، ڪامران شاهد جي پروگرامن ذريعي اسٽيبلشمينٽ جي نيت ۽ ارادن جي خبر پئجندي آهي،صحافي عمران شفقت پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته عمران خان جي حامي صحافين آهسستي آهستي يوٽرن وٺڻ شروع ڪيو، ڪامران شاهد به انهن اينڪرن ۾ شامل آهي، جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪيو، گهڻا ماڻهو عثمان ڊار جي انٽرويو کي اسڪرپٽڊ قرار ڏنو آهي، ماڻهو چون ٿا ته عثمان ڊار سان وڏو ظلم ٿيو آهي، سندس والده خواجا آصف تي ڏمريل آهي.

حماد اظهر به وڊيو بيان ۾ چيو ته عثمان ڊار مجبوري ۾ بيان ڏنو آهي، عمران خان گرفتاري کان اڳ عدالت ۾ چيو هو ته مون کي گرفتار ڪيو ويو ته ماڻهو فوجي ٺڪاڻن آڏو احتجاج ڪندا، هن 9 مئي واقعن جي به مذمت نه ڪئي هئي، هن چيو ته 9 مئي واقعن کانپوءِ پي ٽي آءِ وارن جو منصوبو ناڪام ٿي ويو.

سندن خيال هو ته جنرل ساحر شمشاد آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ملڪ واپسي کان روڪي ۽ فوج جي قيادت سنڀالي وٺي،حماد اظهر جيڪو روپوش آهي اهو چوي ٿو ته فوج اسان جي آهي، اها سٺي ڳالهه آهي، کيس گهرجي ته وطن واپس اچي فوجين کي ڳلي ملي، احمد نوراني چوي ٿو ته نوازشريف اسٽيبلشمينٽ سان ملي ويو آهي.

سوال اهو آهي ته نوازشريف ٻيو ڇا ڪري؟ الطاف حسين جو رياست سان ٽڪر جو انجام سڀني ڏٺو، جمهوريت پسندن کي خبر هئڻ گهرجي ته ادارو پابند آهي، تحريڪ انصاف يا ته عوامي انقلاب آڻي ڪا به اسٽيبلشمينٽ سامهون نه بيهي سگهندي ،حل اهو آهي ته آهستي آهستي شيون ٺيڪ ٿينديون، 9 مئي تي جمهوريت پسندن لاءِ ڳالهين جو آپشن به ختم ڪيو ويو.

اڄ عمران خان سادي اڪثريت سان ٻيهر وزيراعظم هجي ها پر هن اهو موقعو پاڻ ضايع ڪري ڇڏيو،عثمان ڊار جا وارث ۽ جمهوريت پسند ساڳئي پگهار تي ڪم ڪندا رهن، ٻيو حل ناهي

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 06 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.