ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته رڳو ليڪچرن ۽ تقريرن سان ڪم نه هلندو، نوجوان نسل کي مقالن، تنقيد، تحقيق ۽ تخليق جي بنياد تي تعليم ڏيڻ گهرجي هن اهڙو اظهار ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ آف اسڪول ايجوڪيشن پاران ڪوٺايل استادن جي عالمي ڏهاڙي جي پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو.
پروگرام ۾ تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن شيرين ناريجو، پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽرار رفيعه ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
نگران وڏي وزير چيو ته قومن جي ترقي اسڪولن جي ڪلاس روم مان ٿيندي آهي جنهن لاءِ بهترين استاد ئي سڀ کان وڏو هٿيار هوندو آهي.
هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته دنيا جو نقشو ڪلاس روم ۾ جڙندو ۽ مڪمل ٿيندو آهي جڏهن ته ڪلاس روم جو دارومدار هڪ سٺي استاد تي هوندو آهي.
وڏي وزير چيو ته اڄوڪو ڏينهن دنيا سان گڏ بيهڻ لاءِ سٺا استاد پيدا ڪرڻ جو آهي. تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن خاص ڪري استادن کي مبارڪباد ڏيندي.
هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي نوجوانن جي ذهني صلاحيت سان گڏ جسماني تندرستي، جذباتي ۽ سماجي ترقيءَ سان گڏوگڏ سٺي اخلاق جي لاءِ هڪ مضبوط حڪمت عملي تيار ڪرڻي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ليڪچررن، خطبن ۽ تقريرن سان ڪم نه هلندو، نوجوان نسل کي مقالن، تنقيد، تحقيق ۽ تخليق جي بنياد تي تعليم ڏيڻي پوندي.