بلوچستان ۾ اسمگلنگ سان ساليانو 40 ارب کان وڌيڪ ڪمائي، 6 جنرل ۽ 2 سياستدان ملوث

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اسمگلنگ ۾ ملوث اهم ڪردارن بابت  آرمي چيف تائين ڪجهه جنرلن ۽ ڪجهه سياستدانن جا نالا پهچايا ويا آهن ،آرمي چيف جي هدايت تي هن وقت ملڪ ۾ ڊالر جي ذخيره اندوزي خلاف ، بجلي چوري ۽ اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن،غيرقانوني افغانين کي به ملڪ مان ڪڍڻ جو الٽيميٽم ڏنو ويو آهي، ماضي ۾ اسمگلنگ تي اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوا ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي بلڪه ان ۾ هن جي رضامندي شامل هئي.

ناليواري صحافي اسد طور پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته جنرل راحيل شريف جي دور ۾ بلوچستان ۾ 6 فوجي آفيسرن خلاف ڪرپشن تي ڪارروائي ڪئي وئي، هڪ ميجر کان هڪ ارب رپين جي ريڪري ٿي هئي،توهان سوچيو ته پوءِ ڪرنل،برگيڊيئر ۽ جنرل جي عهدي تائين ڪيتري ڪرپشن هوندي.

هن چيو ته توهان کي ياد هوندو  ته بلوچستان ۾ هڪ  واقعو پيش آيو هو، ڪرنل ۽ ميجر ليفٽيننٽ جنرل جي پٽ جي مهانگي ڪار”فراري “ جي ٽيسٽ ڊرائيو دوران حادثي۾ شهيد ٿي ويا هئا، وارثن ان وقت جي آرمي چيف کي جاچ لاءِ خط لکيو ،جي ايڇ ڪيو جاچ ڪئي ته جنرل جي پٽ جي فرمائش خاطر فوج جي ٻن جوانن کي شهيد ڪرايو ويو، جاچ کانپوءِ لاڳاپيل فوجي آفيسرن کي گهر موڪليو ويو، انهن کي جيل نه ٿي.

سندس چوڻ هو ته نان ڪسٽم پيڊ گاڏيون ۽ ايراني تيل بلوچستان ۾ وڪرو ٿين ٿيون، بلوچستان ۾ عاصم سليم باجوا به مقرر رهيو، هن جون اڄ اربين رپين جون ملڪيتون آهن، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ عمارتون آهن، پاپا جونز انٽرنيشنل چين جو مالڪ آهي، ڪير هن کان مني ٽريل وٺي ڏيکاري، آرمي چيف جنرل عاصم منير جو تازو فيصلو ڪيو آهي، ان ۾ کيس بريفنگ ڏني وئي ته رڳو بلوچستان ۾ اسمگلنگ سان ساليانو 40 ارب رپين  کان وڌيڪ جي ڪمائي ٿئي ٿي،ان ۾ ڪجه جنرل ۽ ڪجهه سياستدان ملوث آهن.

سياستدانن ۾ صادق سنجراڻي، عبدالقدوس بزنجو جو نالو ورتو پيو وڃي، بزنجو نشو ڪندو آهي، هن تي الزام آهي ته هن بلوچستان جي وڏ وزارت جنرل  باجوا يا جنرل فيض حميد کي 3 ارب رپيا ڏئي خريد ڪئي هئي،ذريعن موجب بلوچستان ۾ اسمگلنگ ۾ 6 جنرل ملوث آهن،صادق سنجراڻي ۽ عبدالقدوس بزنجو به ان سينڊيڪيٽ جو حصو آهن، آرمي چيف کي پنهنجو هائوس ان آرڊر ڪرڻو پوندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 06 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.