ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس ذوالفقار علي خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي ۾ پبلڪ پارڪن ۽ راندين جي ميدانن ۾ داخلا ۽ پارڪنگ في اوڳاڙي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پاران پارڪن ۾ داخلا ۽ پارڪنگ في جي اوڳاڙي ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت رمارڪس ۾ چيو ته سٽي گورنمينٽ جي چئني ادارن سڀني کي بيوقوف بڻائي رکيو آهي، رات جي اونداهي ۾ ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي کي بڻايا ويا، عدالت چيو ته ڊي ايم سي سٽي گورنمينٽ بڻجي وئي آهي، سمورا ادارا ملي ڪي ڊي اي بڻجي ويا آهن، اهو ٿي ڇا رهيو آهي؟ اسان عوامي پارڪن ۽ راندين جي ميدانن ۾ ڪاروباري سرگرميون ڪرڻ نه ڏينداسين، پبلڪ پارڪس ڪنهن کي ليز تي ڏنا ويا آهن ته ان جا تفصيل فراهم ڪيو.