ڪراچي ۾مهيني دوران  غيرقانوني ترسيل 782 افغاني گرفتار

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين خلاف 9 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر تائين ڪارروائين جا تفصيل جاري، هڪ مهيني  دوران 782 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو،پوليس پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملير مان 135، ڪورنگي مان 114 ۽ اوڀر ضلعي مان 204 افغاني گرفتار ڪيا ويا، اولهه ضلعي مان 58، سينٽرل مان 90 ۽ ڪياماڙي مان 126 افغاني گرفتار ٿيا،ڪراچي سٽي پوليس 35 ۽ ڏکڻ پوليس 20 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو، گرفتار ڪيل سمورا افغان شهري غيرقانوني طور ترسيل هئا، گرفتار ڪيل افغانين خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، حراست ۾ ورتل ڪجهه افغان شهري ڏوهن ۾ به ملوث هئا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.