سنڌ ۾ لاقانونيت آهي، نياڻين جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن: محنتي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي اڳواڻي ۾ پنج رڪني وفد سنڌ جي قانون واري نگران وزير عمر سومرو سان  سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، وفد سنڌ ۾ لاقانونيت، عدالتن ۾ ڪيسن جي التوا، بدامني، قبيلائي جهيڙن ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ توڙي مالي نقصان ۽ انصاف جي فراهمي ۾ دير تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنسي زيادتي بعد قتل ٿيندڙ نياڻين فاطمه ڦرڙو، نازيه چنا ۽ حسينه کوسو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ ۽ صوبي ۾ قيام امن، فوري انصاف جي فراهمي لاءِ پوليس سڌارن سميت ٻيا قانوني سڌارا آڻڻ جو مطالبو ڪيو، محمد حسين محنتي جو وڌيڪ چوڻ هو ته بدقسمتي سان سنڌ هن وقت سڀ کان وڌيڪ لاقانونيت ۽ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، رينجرز ۽ پوليس آپريشن باوجود هن مهل به ڪيترائي ماڻهو ڪچي ۾ڌاڙيلن وٽ يرغمال ۽ هر روز نوان ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، ڪيسن جي فيصلن ۾ دير جا حربا استعمال ڪري انصاف ۾ رڪاوٽ ۽ ڪيسن کي ڊيگهه ڏني ٿي وڃي، وفد صوبائي وزير کي قانون جي بالادستي، اصلاحات ۽ عوام کي فوري انصاف جي حوالي سان لکت ۾ پنهنجون تجويزون ۽ ديني ڪتابن جو تحفو پڻ پيش ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.