سڪرنڊ سانحي خلاف هيوسٽن جي سنڌي ڪميونٽي جو احتجاج

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي شھر ھيوسٽن ۾ سنڌي ڪميونٽي آف ھيوسٽن (جيڪو سانا جو مقامي چيپٽر آھي) سانا جي نائب صدر اصغر پٺاڻ ء ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي زبير ڀنڀرو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن گڏجي سڪرنڊ ۾ رينجرس ھٿان قتل ڪيل چئن سنڌين کي انصاف ڏيارڻ پاڪستاني قونصل خاني جي ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مطالبن تي ٻڌل ھڪ ھڪ ياداشت نامو پڻ پيش ڪيو ويو جنھن ۾ پاڪستان حڪومت کان گھر ڪئي وئي آھي ملوث رينجرس عملي کي فورن معطل ۽ گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن آزاد انڪوائري ٿي سگھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.