ماڙي جلباڻي واقعو ڳوٺاڻن جي مزاحمت سبب پيش آيو: حارث نواز

ڪراچي(م ڊ+رپورٽر)سنڌ جي نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو آهي ته ماڙي جلباڻي وارو واقعو ڳوٺاڻن جي مزاحمت ۽ رينجرز تي حملي سبب پيش آيو، رينجرز ۾ ڪو به سنڌي پنجابي نه هوندو آهي،هن چيو ته  سنڌ رينجرز ۾ 80 سيڪڙو جوان سنڌي آهن، جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جو ڏوهه آهي، رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ٿيندي،ڪراچي ۾ نجي ٽي وي  سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته ڪنهن به علائقي يا ڳوٺ ۾ سرچ جي صورت ۾ ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين کي سيڪيورٽي فورسز سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، هوڏانهن   گهرو ۽ جيل کاتن جي نگران صوبائي وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ قيدين پاران ڪمايل رقم ورهائڻ واري تقريب ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قيدين ۾ 20 لک رپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي، جيڪا آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ٿيل نمائش دوران قيدين جي فن پاري ۽ شين جي وڪرو ڪرڻ تي حاصل ٿي هئي. هن چيو ته قيدين جي سڌاري لاءِ جيڪو ڪم ڪيو پيو وڃي اهو حيران ڪندڙ آهي هن چيو ته ڪريڪ ڊائون جاري رهندو ۽ غيرقانوني افغان باشندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پناهگيرن سبب دهشتگردي وڌي رهي آهي، کين واپس موڪليو ويندو ۽ کين پناهه ڏيڻ وارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليس ۾ ڪٿي به سينيئر يا جونيئر جو ڪو به مسئلو ناهي، مقرريون سوچي سمجهي ڪري ڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.