اسلام آباد: (م ڊ) احتساب عدالت ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. اينٽي ڪرپشن طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ گرفتار خاور مانيڪا کي 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پراسيڪيوشن ليپ ٽاپ ذريعي عدالت کي سرڪاري زمين تي تعمير ٿيل شادي هال ۽ 26 دڪان ڏيکاريا. جڏهن ته پراسيڪيوشن ٽيم شادي هال ۽ دڪانن جي وصول ڪيل ڀاڙن جون پرچيون به عدالت ۾ پيش ڪيون.
-
غير قانوني طور ملڪ ايندڙن جو خاتمو هاڻي اڻٽر ٿي ويو آهي: جان اچڪزئي
ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته ملڪ ۾ غير قانوني طور داخل ٿيندڙن جو خاتمو هاڻي اڻٽر ٿي ويو آهي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جان اچڪزئي چيو ته جيڪو سمجهي ٿو ته هو ملڪ خلاف ڪارروايون ڪري لڪي سگهي ٿو اهو هاڻي ناممڪن آهي، رياست هاڻي انهن معاملن کي لوهي هٿن سان نڀائيندي، ان لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو وڃي اهو ان لاءِ وڏو آهي. هن چيو ته افغانستان جي اسلامي امارت جي امير ملا هيبت الله جي فتوي کانپوءِ ته افغانستان کان ٻاهر حملا غير قانوني هوندا ۽ ان واضح فيصلي کانپوءِ جيڪي حملا ڪري رهيا آهن اهي مسلمان نٿا ٿي سگهن، اهي انسانيت جا دشمن ۽ دهشتگرد آهن.
-
اتحادي حڪومت جي کنيل قدمن سبب ملڪي معيشت بهتر پئي ٿئي: اسحاق ڊار
لاهور (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير ۽ مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته اتحادي حڪومت جي دور وارن قدمن سبب ملڪي معيشت بهتر ۽ پاڪستاني روپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي. پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان سان اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي معيشت ۽ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پنجاب جي گورنر چيو ته اسحاق ڊار هر مشڪل وقت ۾ ملڪ کي سنڀاليو ۽ صحيح رستي تي آندو. اسحاق ڊار ايٽمي ڌماڪن کان پوءِ معاشي پابندين جي باوجود معيشت کي ڌٻڻ مان ڪڍيو هو. ماضي ۾ ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ جي لاءِ اسحاق ڊار جي نوازشريف ۽ ان جي ٽيم سان ڪوششون ڪامياب رهيون. بليغ الرحمان چيو ته نوازشريف جي 21 آڪٽوبر تي ملڪ واپسي عوام جي لاءِ اميد جي روشني آهي. ان موقعي تي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته گذريل اتحادي حڪومت جي قدمن سبب اڄ ملڪ جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي. ڊالر جي مقابلي ۾ روپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته نوازشريف 21 آڪٽوبر تي ملڪ واپس اچي رهيو آهي عوام کي نوازشريف مان تمام گهڻيون اميدون آهن.
-
ڪيمسٽري جو نوبل انعام ڪوائنٽم ڊاٽس دريافت ڪندڙ 3 سائنسدانن جي نانءُ
ڪراچي (م ڊ) ڪيمسٽري جو نوبل انعام ڪوانٽم ڊاٽس دريافت ڪندڙ 3 سائنسدانن جي نانءُ ڪيو ويو آهي، ايل اي ڊي لائٽس ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوائنٽم ڊاٽس جي دريافت ڪندڙ ٽن سائنسدانن کي ڪيمسٽري جي شعبي ۾ 2023ع جي نوبل انعام سان نوازيو ويو، پرڏيهي خبر ايجنسي (رائٽرز) موجب ڪيمسٽري جي ميدان ۾ ڪوائنٽم ڊاٽس جي ايجاد ڪندڙ سائنسدانن مونگي باوينڊي، لوئس بروس ۽ اليڪسي ايڪيموف کي 2023 جي نوبل انعام سان نوازيو ويو آهي جيڪو ڪمپيوٽر مانيٽر ۽ ٽيليويزن اسڪرينن جي روشني ۽ ڊاڪٽرن کي ايل اي ڊي جي ذريعي ٽيومر تائين رسائي جي لاءِ استعمال ڪيوويندو آهي، ڪيمسٽري جي لاءِ نوبل انعام جي ڪميٽي بيان ۾ چيو ته ڪوائنٽم ڊاٽس نالي پارٽيڪلز کي هاڻ نينو ٽيڪنالاجي ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته محققن کي اميد آهي ته مستقبل ۾ اهي اليڪٽرونڪس، ننڍا سينسرز، گهڻا سولر سيلز ۽ ڪوائنٽم ڪميونيڪيشن ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا.