سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرس هٿان فائرنگ ۾ شهيد ٿيل چئن ڄڻن جو تڏو وڇايل آهي، مختلف تنظيمن جي اڳواڻن علائقي جي ماڻهن پاران تڏي تي پهچي تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي، ست ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪا به ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، جاچ به شروع نه ٿي سگهي. جوابدار قانون جي پڪڙ کان آجا آهن، نگران وزير اعليٰ سنڌ پاران جوڙيل ڪاميٽي به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، وارثن ۾ مايوسي واري لهر ڇانيل آهي، وارثن کي ٽن ڏينهن کان کڏهر پوليس پارن اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته اڄ نگران وزير اعليٰ سنڌ پاران جوڙيل ٽيم پهچي بيان وٺندي پر اڃا تائين ٽيم نه پهچي سگهي، ايس يو پي سنڌ جو صدر سيد زين شاهه روزانو شهيدن جي وارثن جي تڏي تي سندن وارثن کي آٿت ڏيندو رهي ٿو ۽ ڪيس متعلق هر روز جي اڳڀرائي بابت پڇندو رهي ٿو، جڏهن ته وارثن مٺل جلباڻي، گل جلباڻي ڪيس ۾ فريادي راهب جلباڻي ٻڌايو ته اسان هائي ڪورٽ جي وڪيلن سان صلاح مشورو ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان شهيدن جي قاتلن کي ڦاهي چاڙهي سگهون.