اين ايف سي ايوارڊ جو ٻيهر جائزو وٺو: عالمي بئنڪ

اسلام آباد(م ڊ) عالمي بينڪ پاڪستان کي 50 هزار روپين ۽ ان کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن تي به ٽيڪس لڳائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو ورلڊ بينڪ پاڪستان کي مشورو ڏنو آهي ته پرسنل انڪم ٽيڪس جو نظام آسان بڻايو وڃي عالمي بينڪ موجب زرعي شعبي ۾ ساڍا 12 ايڪڙ زمين جي مالڪن تي به ٽيڪس لڳايو وڃي عالمي بينڪ پاڪستان کي مناسب تياري ۽ جائزي کانسواءِ  شروع ڪيل ترقياتي منصوبا ختم ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو آهي عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته 5 لک روپيا ماهوار آمدني رکندڙن تي 35 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس لڳايو وڃي ۽ وفاقي حڪومت انهن شعبن تي خرچ نه ڪري جيڪي صوبن جي دائري ۾ اچن ٿا.ورلڊ بئنڪ جو اهو به چوڻ آهي ته ستين قومي مالياتي ڪميشن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي ۽ فنانسنگ پلان جو فيصلو وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪيو وڃي، رٽيلرن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ ٽيڪس فري آمدني جي حد کي گهٽايو وڃي،جڏهن ته عالمي بئنڪ پاڪستان کي غريب ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪندي چيو آهي ته 2027 تائين پاڪستان جو قرض جي ڊي پي جي 89.3 سيڪڙو تائين پهچي سگهي ٿو.ورلڊ بينڪ عملدارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي پارليامينٽ جا ميمبر، ڪابينا جا ميمبر، ناڻي جا وزير، ڪابينا ڪميٽين ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جا ميمبر ٽيڪس پاليسي کي ترتيب ڏيڻ ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ استعمال ڪن جيڪي سڌارن کي روڪين ٿا، 2723 ارب رپين جي مالياتي خساري کي سالياني بنيادن تي گھٽائڻ لاءِ سبسڊيز ۽ خرچن کي گھٽائڻ لاءِ مجموعي طور تي ٽيڪس اپاءَ ورتا وڃن.ورلڊ بئنڪ موجب پاڪستان کي ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جن هاءِ ليڪيوڊٽي رسڪ، پرڏيهي مٽا سٽا جا گهٽ ذخيرا، غير مستحڪم سياسي ماحول، پرڏيهي اڪائونٽس جي جهٽڪن جا خطرا شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.