لنڊن(م ڊ) ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته نوازشريف ڪڏهن به مزاحمتي سياست ناهي ڪئي،نوازشريف هميشه افهام تفهيم سان رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، لنڊن ۾ ميان نوازشريف سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهد خاقان عباسي پنهنجي نئين پارٽي بڻائڻ جو ناهي ٻڌايو، نوازشريف جي ترجيح مهانگائي، بيروزگاري ۽ عوام جي موجوده صورتحال آهي، 9 مئي جا واقعا پلاننگ تحت ڪيا ويا، سازش تحت فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا، هن چيو ته نوازشريف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ لاڳاپن ۾ مان رڪاوٽ ناهيان