نوازشريف انتقام وٺڻ نه پر ملڪي ترقي لاءِ اچي رهيو آهي: شهباز شريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف انتقام وٺڻ نه ملڪ جي ترقي لاءِ اچي رهيو آهي، نوازشريف ملڪ کي ٻيهر خوشحال ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي، عوام سندس تاريخي  استقبال ڪندو. چونڊن جي حوالي سان ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نوازشريف ملڪ مان اونداهي ختم ڪئي، ملڪ کي لوڊشيڊنگ مان ڇوٽڪارو ڏياريو، نوازشريف 5 ارب ڊالر جي آڇ ٺڪرائي ايٽمي ڌماڪا ڪيا. شهباز شريف چيو ته نوازشريف جي دور ۾ کنڊ 52 روپيه ڪلو ۽ مهانگائي نالي ڪابه شيءَ نه هئي، نوازشريف جو ڏوهه اهو هو ته هن ملڪ کي ايٽمي طاقت بنايو. هن چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ تاريخي  ڌانڌلي ڪئي وئي. ملڪ جي عوام کي تعليم، علاج کان محروم ڪيو ويو. نوازشريف هاڻ واپس اچي رهيو آهي. ترقي جو سفر جتي روڪيو ويو اتان کان شروع ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.