اسلام آباد (م ڊ) حواله هنڊي ۽ ڪرنسي اسمگلنگ خلاف ڪارروايون، 3 ارب 86 ڪروڙ برآمد ڪيا ويا، 557 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي محسن حسن بٽ جي صدارت هيٺ هيڊڪوارٽر ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرلز، زونل ڊائريڪٽرز ۽ ٻين سينيئر آفيسرز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ حواله هنڊي، غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۽ اسمگلنگ متعلق جاري ملڪ گير ڪريڪ ڊائون تي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته حواله هنڊي ۽ ڪرنسي جي غيرقانوني ايڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف 390 ڪارروايون ڪيون ويون، 382 ڪيس داخل ڪري 557 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڇاپن ۾ 3 ارب 86 ڪروڙ رپين جي ملڪي ۽ غيرملڪي ڪرنسي برآمد ڪئي وئي، ملڪ گير ڇاپن دوران 28 کان وڌيڪ پلازن، مارڪيٽن ۽ دڪانن کي سيل ڪيو ويو.