ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي سترهين ٽينيوئر جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوڪميٽي جو ٽيون اجلاس پهرين آڪٽوبر 2023 تي پارٽي جي مرڪزي آفيس سنڌ سينٽر سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ پارٽي چيئرمن عبدالخالق جوڻيجو جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ وائس چيئرمن پرفيسر امير چانڊيو، جنرل سيڪريٽري هاشم کوسو، پريس سيڪريٽري اياز هڪڙو۽ ماليات سيڪريٽري نور سولنگي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سڪرنڊ ۾ ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز ۽ پوليس طرفان ٿيل آپريشن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ واقعي ۾ شهيد ٿيل 4 ڄڻن جي ڏک ۾ ٻن منٽن تائين خاموشي اختيار ڪئي وئي، عبدالخالق جوڻيجو ۽ ٻين اجلاس ۾ چيو ته عام ڳوٺاڻن تي بنا ڏوهه جي گوليون هلائڻ هڪ غير آئيني عمل ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ماڙي جلباڻي ۾ جيئن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ماڻهو ماريا ويا اهو عمل پنهل چانڊيو ڳوٺ، ٽوڙي ڦاٽڪ ۽ ٽنڊو بهاول جو تسلسل آهن، ڌاري آبادڪاري سنڌ لاءِ وجودي مسئلو بڻجي وئي آهي ان خلاف هڪ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي.