عوام وٽ پ پ کان علاوه ٻي ڪا چوائس ناهي: شرجيل ميمڻ

پشاور(پ ر)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان کي ڪنهن جي گار جو جواب گار سان نه ڏيڻ گهرجي، اسان کي دليلن  سان ان جي اصل حقيقت ٻڌائڻ گھرجي، ھاڻوڪي معاشي صورتحال ۾ عوام کي ھاڪاري اميد ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ھاڪاري قيادت کي اڳتي اچڻ گهرجي.پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي پاڪستان مان گندي ڪلچر ختم ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي ماڻهن جي خاندانن کي نشانو بڻايو ويو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ پارٽي جا ميمبر سوشل ميڊيا جا دهشتگرد ھئا، سوشل ميڊيا تي پاڪستان جو غلط چهرو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،هن چيو ته  پيپلز پارٽيءَ ڪڏھن ڪڏهن به عدليه ۽ ادارن خلاف مھم نه ھلائي،  اسان سڀني کي ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي،هن چيو ته عوام وٽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ پ پ کان علاوه ٻي ڪا چوائس ناهي، ڪير ڪيتريون به دعوائون ڪري، بلاول کي وزيراعظم بڻائي رهنداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.