هر سال 5 آڪٽوبر تي استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن پهريون ڀيرو 1994ع تي ملهايو ويو. ۽ 1966ع تي گڏيل قومن جي تعليمي، علمي ۽ ثقافتي تنظيم ۽ مزدورن جي عالمي اداري پاران استادن جي حالت بابت صحيح ڪيل دستاويز جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. جيڪو دستاويز دنيا جي استادن جي مسئلن ۽ مرتبي بابت آگاهي ڏئي ٿو. دستخط ڪيل دستاويز ۾ تعليمي پاليسي، استادن جي ڀرتي، استادن جي شروعاتي تربيت، استادن جي تعليم، ڪم جي حالت بابت ڪجهه پيمانا مقرر ڪيا ويا. 5 آڪٽوبر 2023 استادن جي عالمي ڏيهاڙي تي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ استادن جي محنت کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن صوبي ۾ معياري تعليم پهچائڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت اسڪولن جو ڄار وڇائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ لکين ٻارن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جي مقصد ۾ سوڀ ماڻي چڪي آهي. چوندا آهن ته غير معمولي ڪاميابيون غير معمولي همٿ، اعليٰ جذبي ۽ جدوجهد جي تقاضا ڪن ٿيون ۽ ان تقاضا تي فائونڊيشن جي قيادت ۽ فائونڊيشن جو بورڊ آف گورنرس پورو لٿو آهي، جنهن ڪري فائونڊيشن اسسٽيڊ اسڪول، پيپلز اسڪول پروگرام، سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اسڪالرشپ پروگرام، ٽيچ فار چينج، نان فارمل ايجوڪيشن سان گڏ استادن جي تربيت ۽ ڊولپمينٽ تي جنهن انداز ۾ فائونڊيشن ڪم ڪيو آهي ان جهڙا مثال گهٽ ئي ملندا. هن سموري مقصد کي ڪامياب ڪرڻ ۾ جتي والدين، سيف جي شراڪتدارن، سول سوسائٽي جي ادارن پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، اتي استادن جو ڪردار به خراج تحسين جو حقدار آهي.
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سنڌ اندر ٻارن جي تعليم جي ميدان ۾ اڳڀرو ڪردار رهيو آهي، اتي ئي سنڌ جي جهر جهنگ، ڳوٺن، ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ سيف تحت هلندڙ اسڪولن ۾ استادن پاڻ ملهايو آهي. سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي ٻارن کي تعليم جهڙي زيور سان روشناس ڪندڙ استاد گهٽ سهولتون هجڻ باوجود به جديد تقاضائن تي پورو لهندڙ نصاب، سرگرميون ۽ ٻارن جي ذهني نشونما توڙي جدت سان نروار علمن سان واقفيت ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار نڀائي رهيا آهن.
اسڪول اها جڳهه آهي جتي ٻار تعليم سان گڏ تربيت حاصل ڪندا آهن ۽ استاد ٻارن جو مستقبل ٺاهڻ سان گڏ انهن کي هڪ بهتر انسان بنائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن استادن جي عالمي ڏيهاڙي تي فائونڊيشن تحت هلندڙ اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استادن جي اڻٿڪ محنت کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.