جڏهن کان ملڪ ٺهيو آهي پهرين ڏينهن کان وٺي اسان غربت جهالت ۽ بدتر معاشي حالتن جو شڪار رهيا آهيون. انوقت جو وڏيرو سردار پير مير رئيس ڪامورو آسودو هوندو هو هن وقت آسوندن جا به آسودا اهي ئي آهن جن کي نه ڪو لهر نه لوڏو. اهو کڻي مڃجي ته چاليهه پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ملڪ انهي ڪري بحران ۾ هو جو فوري طور وسيلا گهٽ ميسر هئا پر هاڻ ته ملڪ قائم ٿئي ذري گهٽ ست اٺ ڏهاڪا مڪمل ٿيڻ وڃي رهيا آهن پوءِ به غربت جهالت معاشي تباهي جو شڪار آهيون قصو غور طلب آهي.
جيڪڏهن پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ جي ڪجهه سالن جو جائزو وٺبو ته انوقت هر ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ رهندي به خوشحال ۽ ٽئي ويلا ماني پنهنجي وقت تي سستي صاف سٿري بنا ڪنهن ملاوٽ جي کائيندو هو انوقت جي سڪي جي حساب سان کاڌ خوراڪ واريون شيون سستيون ۽ علاج مفت هو. جيتوڻيڪ اسڪول ۽ پڙهائي جا وسيلا گهٽ هئا پر اها معياري ۽ مفت هئي. نوڪريون ججهيون ميرٽ تي ۽ بنا سفارش بنا پئسي ملنديون هيون سرڪاري ادارن ۾ ڊپ ڊاءُ ۽ عدالتن ۾ انصاف هو جنهنڪري ڏوهه نه هجڻ برابر هئا.
انگريز ۽ ٻيون صيهوني قوتون ڇا چريون هيون جن بر ننڍي کنڊ جي علائقن تي قبضا ڪري پنهنجيون حڪومتون قائم ڪري صدين تائين حڪمراني ڪئي جن جا پاڇا هن وقت به نظر پيا اچن. حقيقت اها آهي ته ننڍي کنڊ پورو سون ورني کاڻ برابر هوندو هو جيڪو انوقت جو معاشي حب به سڏيو ويندو هو هاڻ به آهي جنهن تي هن وقت به صيهوني قوتن جون نظرون پيل آهن لهي ناهن سگهيون جيڪي حقيقي معني ۾ پاڪستان کي خوشحال هلندي ڏسڻ نٿيون چاهين. پاڪستاني ماڻهن کي پنهنجو غلام سمجهن ٿيون اهوئي سبب آهن جو انهن جا هتي وسيع مفاد رهيا آهن جن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قبضي ڪرڻ جي نيت رکن ٿا ۽ اهوئي سبب آهي جو ملڪ کي پنهنجي مرضي مطابق هلائڻ لاءِ پنهنجا طرحين طرحين جا حربا استعمال ڪن ٿا ۽ حڪم هلائين ٿا. آءِ ايم ايف به اهڙين قوتن جو هڪ ماتحت ادارو آهي جنهن جا اسان ايترا ته قرضي ٿي چڪا آهيون يا قرضن ۾ جڪڙجي چڪا آهيون جو انهن مان ٻاهر نڪرڻ مشڪل آهي.
هاڻ ته ملڪ جي سياست ۽ حاڪميت به آءِ ايم ايف جي نعري هيٺ هلن ٿيون. جيڪي ملڪ آءِ ايم ايف کان پري رهيا سي ئي هن وقت آزاد سياست پيا ڪن آزاد ملڪ پيا هلائين جتي معاشي حالتون ڪنٽرول هيٺ آهن. جڏهن کان پاڪستان ٺهيو ۽ باني پاڪستان جو لاڏاڻو ٿيو ملڪ کي انگريزن جي دور ۾ انگريزن سان گڏجي سياست ڪندڙ نواب پير سردار وڏيرا سي ئي ورثي ۾ مليا جن پاڪستان کي پنهنجي جاگير سمجهي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي سندن اهڙيون ڪوششون هن وقت به جاري آهن. ڪجهه سال ته ملڪ بنا آئين هليو وري جيڪڏهن آئين مليو ته اهو به لولو لنگڙو 56۽ 62 وارو مليو جيڪو وقت جي آمرن جو ڏنل هو جنهن مونجهارا پئدا ڪيا ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي جمهوريت نه هئي. اهڙي ريت ملڪ جا صدر ۽ وزيراعظم تڪڙا تڪڙا بدلبا رهيا حڪومتون بدلبيون رهيون رات جي وڳڙن ۾ راتاها آيا جن به ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪيو. چوڻ جو مطلب ته ملڪ پنهنجي وسيلن کان هٽي ڪري صيهوني ملڪن جي امداد تي پلبو رهيو ۽ هلندو پيو اچي پنهنجا هر ممڪن وسيلا هوندي به معاشي طور تباهه آهيون جو ملڪ جي وسيلن تي گهٽ ڀاڙيو ويو.
ملڪ ۾ ظاهري ۽ پردي پويان مارشل لائون لڳيون ۽ انهن مارشلائن اڳتي هلي پنهنجي پنهنجي پسنديده ماڻهن کي سياست ۾ آندو اڳتي ڪيو کين اقتدار ڏنا جن وزارتون ماڻيون جيڪي سياست ۾ بظاهر ته مضبوط رهيا پر ملڪ کي معاشي سياسي و سماجي طور ڪمزور ڪيو ۽ ملڪ کي ٺاهي نه سگهيا نه وري غربت جهالت بيروزگاري جو خاتمو آڻي سگهيا جنهن جا نتيجا ڀوڳيون پيا. ملڪ جا ٻه حصا ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو 1972 ۾ پ پ پ جي عوامي حڪومت آئي جنهن 73 وارو آئين ڏنو پر ڪڏهن به ان آئين تي مڪمل عمل نه ٿيو اهو ڪڏهن معطل ته ڪڏهن ان ۾ اجايون سجايون ترميمون ٿينديون رهيون نه عدالتون آزاد رهيون نه وري سياسي ادارا من پسند فيصلا آيا جنهنڪري ملڪي سياست ۽ اقتدار ٻن خاندانن وٽ رهيو جنهنڪري هر دور ۾ معاشي مسئلا وڌيا جن جي ڪنهن به هڪ ڌر ذميواري نه قبولي سدائين سابقه حڪومتن کي ذميوار قرار ڏنو جيئن ڪم پي ڊي ايم پٽيو ذميوار پي ٽي آءِ کي بڻايو پيو وڃي.
هن وقت جيڪي به سياسي قوتون آهن يا سياسي اڳواڻ ميدان تي آهن اهي انهن پراڻن آمرانه ذهنيت رکندڙن جو تسلسل آهن ملڪ ۽ قوم لاءِ گهٽ پنهنجي خاندان لاءِ سياست ڪن ٿا وارا وٽي واري راند تحت حڪومت ڪرڻ اچن ٿا وقت پورو ڪري ملڪي دولت لٽي پرڏيهه منتقل ڪن ٿا پاڻ به بيمارين جا بهانا بڻائي دبئي لنڊن وڃن ٿا جتان ويهي سياست ڪرڻ سندن روايت رهي آهي. ڪنهن به نئين پارٽي يا نئين اڳواڻ کي هلڻ يا اڳتي ڏسڻ نٿا چاهين جنهنڪري به پارٽين ۾ بغاوت پئدا ٿئي ٿي پوءِ باغين جي مرضي ته ڪهڙو ٿا رخ ڪن. خدا نه ڪري جيڪڏهن هن ڀيري عام چونڊن۾ ڪا گڏيل سڏيل حڪومت ٺهي ته جنهن جا به امڪان آهن جنهن ۾ پنهنجا وسيع مفاد رکندڙ پارٽيون بدلائيندڙ عادي سياسي چهرا شامل نظر ايندا جيڪي ڪنهن نئين بحران کي ڪر کڻائيندا ۽ اهو ڪر به معاشي بحالي لاءِ بهتر نه ٿيندو نه وري ڪا اميد ڪري به سگهبي.
ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو معاشي بحران ناهي سمورا وسيلا موجود آهن بحران هٿ جا پئدا ڪيل آهن جن کي سياست جو هٿڪنڊو ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن طاقتور حلقن ججن ۽ اقتدار ۾ رهندڙن جو بي رحم احتساب ٿئي سندن اثاثا ضبط ٿين سندن مني لاڊرنگ وسيلي ٻاهرين ملڪن ۾ گڏ ٿيل دولت ملڪيتن ۽ ڦٻايل ٽئڪسن جي اوڳاڙي ٿئي ته شايد آءِ ايم ايف جا قرض به لهي پون ملڪ معاشي طور مستحڪم ٿئي غربت جو خاتمو اچي جنهن سان ڊالر پنهنجي اصل جاءِ تي پهچي پر اهو سڀ ڪجهه ڪير ڪري افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي جو ڪو به سياستدان يا سياسي پارٽي يا ادارا سنجيده ناهي کين سنجيده ٿيڻو پوندو جو هي ملڪ اسان سڀني جو آهي.
اسان وٽ هر ادارو آهي پر ادارا هلائڻ وارا ناهن. اسحاق ڊار پاڻ کي وڏو معاشي ماهر سمجهندو آهي ٻٽاڪون هڻي پاڪستان وريو هڪ اڌ بجيٽ ڏئي ملڪ کي ويتر معاشي بحران ۾ وجهي پنهنجا ڪيس معاف ڪرائي هليو ويو انهي حد تائين جو ڊالر جو اگهه وڌائي ويو مهانگائي ڪرائي ويو. آخر ڇو? ملڪ ۾ اميرن کان ٽئڪس آخر ڇو نٿو اوڳاڙيو وڃي ڪهڙا سبب آهن ايف بي آر ڪهڙي مرض جي دوا آهي. ٻيو ته ٺهيو رڳو پراپرٽي ٽئڪس جي صحيح نموني اوڳاڙي ٿئي اها به هرسال کربين رپيا ٿي سگهي ٿي. هن وقت ملڪ اندر ڪروڙين ماڻهو مسواڙون کربين رپيا ادا ڪن ٿا وٽن قيمتي ڪروڙن جون ملڪيتون آهن پر پراپرٽي مالڪ اهو ٽئڪس به ادا نٿا ڪن. جيڪڏهن وصول ڪيا به وڃن ٿا ته انهن جو ڪو به رڪارڊ اپ ڊيٽ نٿو ٿئي جنهنڪري به آءِ ايم ايف پنهنجا تحفظات ظاهر ڪري نوان شرط مڙهي ٿي. موٽرز ڊيلرز ۽ ڪمپنيون به هر ڏهاڙي ڪروڙين رپين جون نيون ۽ پراڻيون گاڏيون پارٽين کي وڪرو ڪرائين ٿا پنهنجي ڪميشن ته وٺن ٿا پر سرڪاري ٽئڪس نٿا پيارين جيڪو ورتو وڃي ته اهو به هر سال اربين رپيا وصول ٿي سگهي ٿو. هر اهو ٽئڪس جيڪو امير ۽ پهچ وارا ڀري سگهن ٿا اهي ورتا وڃن ۽ انهن جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته آءِ ايم ايف جي ضرورت ئي نه رهي. قرض حڪومتون وٺن ۽ عوام لوڙي اهو ڪٿان جو اصول آهي. ملڪ جي تباهي آڻيندڙ حڪمرانن جا ڪيس ختم ٿين کين وڏيون رعايتون ملن. هر هر حڪمراني جا جڏهن کين موقعا ملندا اين آر اوز ملندا ته ملڪي معاشي حالتن جو خون ته ٿيندو ئي ٿيندو اهڙين حرڪتن کان پاسو ڪجي عدالتن ۾ انصاف ٿيڻ گهرجي. انصاف غريب توڙي امير کي برابر ملڻ گهرجي. ججن کي عدالت ڪرڻ گهرجي نه سياست. معاشي تباهي جا ڊراما رچائڻ بدران ڊرامن جي اصل ڪردارن جو پيڇو ڪرڻ گهرجي جن کي معافي نه پر ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي چونڊون ڀلي دير سان ٿين پر احتساب ۽ معاشي بحالي ترجيح هجڻ گهرجي. نگرانن جي به نگراني لازمي ٿيڻ گهرجي.