سنڌ، دنيا جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي حوالي ۾ شاهوڪار، ڀائيچاري ۽ مهمانوازي جي قدرن کي اڄ تائين مثالي طور برقرار رکيو آهي. ڏکئي وقت ۾ ڌرتي ڌڻين سڀ ويچار وساري دشمن سان مهاڏو اٽڪائي تحفظ جا موقعا فراهم ڪيا آهن. سنڌ ۾ جڏهن کان هٿ وٺي، لساني، فرقي پرستي، ۽ مذهبي انتهاپسندي کي داخل ڪيو ويو آهي تڏهن کان معاشري ۾ نفرتن، قتل غارت ۽ بدامني جو ڪاروبار لهڻ جو نانءُ ئي نٿو وٺي. ڪڏهن ڌاڙيلن جي يلغار ڳوٺ ويران ڪيا ته ڪڏهن شهرن جي دهشت گردي ۽ وڳوڙن ذريعي ڌرتي جي سونهن کي لتاڙيو ويو آهي.
آخر ظلم جي انتها ڏسندي اڄ جي جديد دور جنهن دنيا کي گلوبل وليج ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي عوام به شعور تحت سوچ جي دائري کي وڌائيندي پنهنجي حقن ۽ انصاف لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي. ڪن سنڌ پرستي جي نعري تحت، ته ڪن سياسي، سماجي طبقاتي نظام جي ٻٽي فرق کي ختم ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي. توڻي جو کڻي سنڌ جا قوم پرست ڌڙا، پاڪستان جي وڏن سياسي ادارن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ويهي سنڌ جي ڪيس کي آئيني ۽ قانوني طور حق ڏيارڻ لاءِ مضبوط آواز بڻجي ناهن سگهيا، تنهن هوندي به جڏهن به ڪو وار ٿيو آهي ته ان جي ڀرپور نموني مزاحمت ضرور ٿي آهي.
1987ع ۾ لساني فرقي پرستي جا هٿ ٺوڪيا جهڳڙا ڪرائي سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رت جي راند کيڏي وئي. نفرتن جي باهه جي شعلن کي آسمان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن ته سنڌ ڌرتي ڄاون نه رڳو 1947ع کان پاڪستان جي وجود کي قبول ڪيو پر هر ٻاهران آيلن جو آڌرڀاءُ ڪري کين تحفظ ڏنو پر وقت جي ويرين کان شايد امن جي ڌرتيءَ تي ساوڪ، گلن جي ورکا جهڙي تهذيب ۽ ثقافت جا رنگ برداشت نه ٿي سگهيا تنهنڪري ئي ٻولي، قوميت جي بنياد تي بارود جي بندوقن کي ڏڪي ڏڪر جي استعمال وانگر انساني جانين جا ويري ٿي ويا.اهڙي صورت ۾ سنڌ پرست اڳواڻن پنهنجي سر تي ڪفن ٻڌي ڪراچيءَ جي تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳن ۽ قديمي قوم کي ننڌڻڪو نه ڪيو ۽ سندن لاءِ نئين سر سنڌين جي رهائش لاءِ ماڳ ٺاهي کين حوصلو ۽ همت ڏني. جڏهن ته وقت جي ويرين ڪراچي ۽ حيدرآباد کي نوگو ايريا بڻائي گيٽ لڳائي علائقا ٺاهي ڇڏيا هئا. اهي سنڌي جن ڪوٽ قلعا ڊاهي گهرن جا دروازا کولي نياڻين، عورتن ۽ ٻارن کي تحفظ ڏئي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب جي لڄ بچائي تن ڌرتيءَ ڌڻين کي ”حملا آوار“ چئي مٿن حملا ڪيا ٿا وڃن.
جديد سنڌ جي سنڌين جي رهڻي ڪهڻي ڪنهن به حوالي سان علم، ادب، شعور، سياسي سماجي سوچ ۾ دنيا جي قومن کان ڪنهن به حوالي سان گهٽ نه آهي. تاريخ جا ورق گواهي ٿا ڏين ته ارغونن ۽ ترخانن سنڌ تي ڪاهون ڪري حملا ڪيا ته سنڌي قوم کين لوهه جا چڻا چٻرائي ڇڏيا. اڄ وري اهڙيون پراڻيون سازشون ورجايون ٿيون وڃن، جيئن هٿ ٺوڪي سازش تحت مخدوم بلاول جي سچائي واري آواز کي ڪچلڻ لاءِ کيس گهاڻي ۾ پيڙايو ويو ۽ پوءِ سنڌ جي امن ڀريي ماحول کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڳوٺ ويران ڪرايا ويا. ڪاڏي ويون اهي سگهڙن جون ڪچهريون جن کان عام ڳوٺاڻو ماڻهو محروم ٿي ويو آهي. تنهن هوندي به مقامي ڌرتيءَ واسين جي دل ۾ وير پيدا نه ٿيو. ها اهو ضرور آهي ته سنڌ واسين ڪڏهن به ناجائز وار ۽ حق تلفي برداشت ناهي ڪئي. ڇا هيءَ تحريڪ به شاهه عنايت وانگر سر قلم ڪري، هزارين شهادتن کانپوءِ به ڳاٽ اوچو ڪري بيهندي.
مختلف دهشتگردي تحت ۽ خودڪش حملا آوارن ڪري ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. تقريبن ٿلهي ليکي ڳڻپ مطابق 500 خودڪش حملن ۾ ڪنهن به هڪ سنڌي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ته پوءِ اوچتو ماڙي جلباڻي ۾ ڪٿان خودڪش حملا آوار پيدا ٿيا. انصاف جي تقاضا اها آهي ته ڏوهاري ڪير به هجي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آڻجي، نڪي حملا آوار چئي انهن تي حملا آوارن وانگر حملو ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهلڪار ڪنهن به نشاندهي تي ڪنهن به ملزم کي گرفتار ڪرڻ اچن ٿا ته ناجائز طريقي جي هر ڪو مذمت ڪندو ۽ اهو ڪنهن کي به پاڪستان جي اسلامي ۽ شرعي قانون تحت حق ناهي ته گهرن ۾ گهڙي عورتن جي بي عزتي ڪئي وڃي. ڇا اهو رڳو سنڌ جي عوام لاءِ قانون آهي يا ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ هڪجهڙائي وارو قانون لاڳو هوندو؟
جيئن لال مسجد واقعو ٻنهي پاسن کان هٿيارن جي مقابلي ۾ ماڻهو ماريا ويا، ڪيترا ڀيرا لاهور ۾ ڪارروايون ٿيون جن ۾ اهلڪارشهيد به ٿيا. اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ٿيو آهي ته دهشتگردن سان ڪيترا فوجي جوان به شهيد ٿيا آهن پر تڏهن به سڪرنڊ سانحي جهڙي ڀيانڪ صورتحال ناهي ٿي.
ڇا سنڌي قوم کي پنهنجي سياسي شعور جي سزا ڀوڳڻي ٿي پوي يا وري ماضيءَ جي حملي آوارن جي سازش کي ورجايو ٿو وڃي. حملي وقت بنا تصديق جي هڪ ئي گهر جا 3 ڀائر شهيد ڪيا ويا ۽ پوءِ صدمي ۾ سندن پيءُ به گذاري ويو. جيڪڏهن ڪنهن رينجرز تي غير قانوني ڪو پٿراءُ به ٿيو آهي ۽ هڪ اهلڪار زخمي به ٿيو آهي ته ان عمل جي مذمت ڪجي ٿي پر جڏهن ملڪ جون انصاف لاءِ عدالتون موجود هجن ته اهڙي طرح ردعمل ڪرڻ خود عدالت جي ڪارروائي کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي. هن واقعي ۾ ڪيتريون عورتون مردن سان گڏ زخمي به ٿيون آهن ۽ هڪ عورت جي مرڻ جا به اطلاع آهن.دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي عزيزن جا لاش رکي ڌرڻا ناهن ڏيندا اهو به تاريخ جو ڪڙو سچ آهي.
ڇا چيف جسٽس فائز عيسيٰ جنهن 17 سيپٽمبر تي حلف کڻي قوم سان انصاف ڏيارڻ جو وچن ڪيو تنهن جي وڏي عدالت کي به ان سانحي جهوري وڌو هوندو. ڇا لڱ ڪانڊرايندڙ هن واقعي، عوام جي اکين ۾ رت جهڙا ڳوڙها ڏسي عام ۽ اٻوجهه انسانن سان انصاف ڪيو ويندو. يا ماضيءَ جيان روڊن رستن تي انصاف جي اوسيئڙي ۾ لاوارثن وانگر پيا هوندا.
ڇا ڪنهن کان وسري ويو آهي ته ماضيءَ ۾ مائي جندو جي ٻن پٽن ، هڪ نياڻو ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺاڻن کي الزام هڻي شهيد ڪيو ويو ته مائي جندو جي ٻن نياڻين احتجاج ڪرڻ باوجود انصاف نه ملڻ تي پاڻ ساڙي، ساهه ڏئي ان تحريڪ کي ويساهه ڏنو. پنهنجن معصوم ٻچن جي به پرواهه نه ڪندي هنن بهادر نياڻين خود انصاف ته نه ڏٺو پر تاريخ جي ورقن ۾ سنڌ جي عوام کي اهو ضرور پڙهڻ لاءِ ملندو ته ميجر ارشد جهڙي ظالم کي ڦاهيءَ جي سزا ڏئي ثابت ڪيو ويو ته ظلم ظلم آهي.
مائي بختاور شهيد جاگيردارن،وڏيرن سان مقابلو ڪيو، 60 سالن جي لاشاري برادريءَ جي بهادر عورت هارين جي حقن خاطر شهادت ماڻي، اڄ هاري تحريڪ لاءِ روشني جو شمعدان بڻجي وئي آهي. جيڪا ڪنهن به ڪاري رات جي ڪاريهر کي بي نقاب ڪري سگهي ٿي.
وقت جي تقاضا اها آهي ته چونڊن کان اڳ سنڌ جي عوام کي انصاف ڏياري سمورن بي گناهه ماڻهن کي انصاف ڏياريو وڃي ۽ ڏوهارين کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ ضرور آندو وڃي ۽ نياڻين سان زيادتين ڪندڙن قاتلن کي به سزا ڏني وڃي. نگران حڪومت کي به سڪرنڊ سانحي تي ضرور سوچڻ گهرجي. عوام جي بيچيني ۽ غير يقيني صورتحال کي ڪنٽرول ڪيو ويو ته مستقبل لاءِ امن ڀريي ماحول جي اميد قائم ٿيندي.