ڪو به عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو هوندو آهي، ته ان بابت عام ماڻهن ۾ جاڳرتا ۽ شعور پيدا ڪجي ۽ ان شعبي جي ماهرن جِي خدمتن کي مڃتا ڏجي. هر سال 5 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ”استادن جو عالمي ڏينهن“ ملهائي، استادن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي. تعليمي ادارا، مختلف تنظيمون توڙي فردَ، پنهنجي پنهنجي انداز ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهائيندا آهن ۽ پنهنجن استادن کي پيار ۽ احترام مان ياد ڪندا آهن. اهو ڏينهن اسانکي اها ياد ٿو ڏياري ته اسان استاد جي اهميت کي سمجُهون ۽ کين اُهو مان ۽ مرتبو ڏيون، جنهن جا هُو حقدار آهن. استاد ئي اُهو شخصيت ساز ڪاريگر آهي، جيڪو مستقبل جا اڳواڻ تيار ڪري ٿو. جيڪو شاگردن کي هڪ سُٺو، ذميوار ۽ فضيلت ڀريو انسان بڻجڻ جو نه رڳو درس ڏئي ٿو، پر سندن هر ممڪن مدد به ڪري ٿو.
اسانکي ان پيشي سان لاڳاپيل هر شخص ۽ پنهنجي هر استاد جِي عزت ڪرڻ گهرجي. پر ان جي باوجود به اسانجي اڻ ڳڻين استادن مان تمام ٿورا فردَ اهڙا هوندا آهن، جيڪي اسانکي غير معمولي طور متاثر ڪندا آهن ۽ اسان انهن کي پنهنجو ’آئيڊيل استاد‘ مڃيندا آهيون ۽ پنهنجي زندگيءَ جي اڪثر ڪمن ۾ سندن تقليد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. سو، استاد هڪ بيحد اتساهيندڙ ۽ پيار ڏيندڙ هستي آهي.
هر سال 5 آڪٽوبر جي ڏينهن جو گڏيل قومن پاران ڪو نه ڪو خاص مرڪزي خيال (ٿِيم) مقرر ڪيو ويندو آهي. هن سال ان ڏينهن جو مرڪزي خيال آهي: ”دنيا ۾ استادن جي کوٽ کي ختم ڪرڻ“. دنيا جي سُڌريل سماجن ۾ معاشري جي ان فرد کي استاد مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪو هر حوالي سان قابل هجي ۽ سچ پچ استاد بڻجڻ جي لائق هجي. افسوس! جو اسان وٽ قصو ئي ابتو آهي. اسان وٽ مجموعي طور سماج ۾ اها سوچ حاوي آهي، ته جيڪو ماڻهو زندگيءَ ۾ ٻيو ڪجهه به نه ٿي سگهي، سو استاد ٿي وڃي ٿو. سڌريل سماج ۾ گهڻ پڙهيا ۽ تعليم يافته شخصَ استاد بڻجن ٿا ۽ اسان وٽ سرڪار کان اهو ئي مطالبو ڪيو ويندو آهي ته استادن جي نوڪرين لاءِ گهٽ کان گهٽ تعليمي معيار ۽ لياقيون رکو، ته جيئن گھڻي کان گهڻا ماڻهو استاد جي نوڪري حاصل ڪري سگهن.
اهڙيءَ طرح اسان وٽ گھڻا استادَ رڳو ”نوڪري“ ئي ڪن پيا. باقي خير آهي! جڏهن اها سوچ وڌي ويجھي ٿي ته پوءِ استاد سان سماج ۽ وقت جي سرڪار جو به تذليل جوڳو ۽ ظالماڻو رَوّيو ٿي وڃي ٿو. سڌريل سماج ۾ استادن جي ادب ۾ جج به اُٿي بيهن ٿا، ٽرئفڪ رُڪجي وڃي ٿي ۽ کين هر هنڌ نمايان مقام ۽ عزت ملي ٿي. اسان وٽ وري جڏهن استاد پنهنجي جائز مطالبن لاءِ احتجاج ڪن ٿا، ته سندن آجيان لٺين، باٺَن، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ شيلنگ سان ٿئي ٿي.
اڄوڪي ڏينهن تي اهو سوال به ذهن ۾ اچي ٿو، ته سڌريل سماج ۾ استاد ڪهڙي ڪرت انجام ڏئي ٿو؟ ۽ اسان وٽ استاد ڇا ٿو ڪري! سڌريل سماج ۾ استادن سان ڪهڙو ورتاءُ ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ ڪهڙو ورتاءُ روا آهي؟ سڌريل سماج کي سڌارڻ ۾ استاد جو ڪهڙو ڪردار آهي ۽ اسان وٽ معاشري کي سڌارڻ ۾ استاد جو ڪيترو حصو يا ڪردار آهي؟ اسان وٽ هاڻي اها راءِ به هٿ وٺي عام ڪئي پئي وڃي، ته اڳوڻي زماني جا استاد سُٺا هئا ۽ هاڻي استاد غير معياري آهن. انڪري تعليم جي کيتر ۾ بهتري نٿي اچي. اڳي اهو به چيو ويندو هو ته استاد جي مار، ٻار لاءِ سنوار آهي، هاڻي اها ڳالهه ڪيتري درست آهي، اهو به ضرور سوچڻ گهرجي. اسان وٽ اهو به چيو ٿو وڃي ته اڄ جو استاد تعليم ته ڏئي ٿو، پر تربيت نٿو ڪري. منهنجي خيال ۾ تربيت به تعليم جو حصو ئي آهي. جيڪڏهن تعليم ۾ تربيت ناهي، ته تعليم اڻپوري آهي. ايئن هيءَ راءِ به جُڙَي پئِي ته شاگردن جي ’ڪيريئر ڪائونسلنگ‘ استاد نٿا ڪن، ان لاءِ وري الڳ ادارا جوڙيا وڃن ۽ الڳ ماڻهو رکيا وڃن. ان بابت به منهنجو رايو اهو آهي ته جيڪو استاد پنهنجن شاگرد جي مستقبل بابت رهنمائي نٿو ڪري ته پوءِ ان تعليم ۾ به کوٽ آهي. جڏهن اسان ’تعليم‘ چئون ٿا، ته پوءِ اهي سڀ ڳالهيون ان تعليم جو ئي حصو آهن ۽ انهن ڳالهين جو هر استاد کي خيال رکڻ گهرجي.
مون اِهو به مشاهدو ڪيو آهي ته اسان وٽ اڪثر استادَ، شاگردن جي نفسيات جو خيال ناهن ڪندا. هُو اهو سمجهي ئي ناهن سگهندا، ته شاگرد ڇا پيو سوچي ۽ ڇا پيو محسوس ڪري؟ اسان وٽ اڃا به پڙهائڻ جا روايتي طريقا هلي رهيا آهن، جيڪي اسانکي دنيا سان مقابلي لاءِ تيار نٿا ڪري سگهن. استادن لاءِ پنهنجي سبجيڪٽ جو ماهر هجڻ سان گڏ شاگردن جي نفسيات کي به سمجهڻ ضروري آهي. انهيءَ سان گڏ کين گھرجي ته هُو شاگردن جي ڪردار سازي ۽ شعوري آبياري به ڪن ته جيئن هر نسل مان سماج جا روشن خيال فرد پيدا ٿي سگهن. استاد کي جدت پسند ۽ ’اجتهادي‘ هجڻ گهرجي ۽ کيس مستقل مطالعو ڪرڻ گهرجي، پر هتي افسوس اهو به آهي ته اسان وٽ ڪيترائي اهڙا فرد به استاد طور ادارن ۾ موجود آهن، جيڪي استاد ٿيڻ ۽ چوراڻ جي لائق ئي ناهن. اهڙن ماڻهن ئي هن پيشي کي بدنام ڪيو آهي ۽ انڪري ئي سُٺن استادن جي به دل آزاري ۽ حوصله شڪني ٿئي ٿي.
اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ گهڻو زور رڳو استادن جي حاضريءَ تي هوندو آهي. جيڪو پڻ ضروري آهي، پر اهو گهٽ ڏٺو ٿو وڃي ته استاد ڪري ڇا ٿو، ان جو ڪردار ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن ڪو استاد محنت سان پڙهائي ٿو ته ان جي اسانجي انتظامي عملدارن، سرڪار ۽ سماج ڪهڙي حوصله افزائي ڪئي آهي؟ کيس ڪهڙو مان ۽ شان ڏنو آهي؟ جنهن سماج ۾ استاد تي لطيفا ٺهن، طنز ۽ چٿر ٿئي! ۽ سڀ ان تي گڏجي ٽهڪ ڏين، ته باقي اسانجي اڃا ڪهڙي تباهي ٿيندي! سماجي ميڊيا جي عام ٿيڻ کانپوءِ هاڻي اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا جي به حالت ساڳئي آهي، سو انهن به استادن جي ڪردار ڪُشي ڪرڻ ۾ وسئون ناهي گهٽايو. آئي ڏينهن ڪنهن ثبوت بدران ئي استادن جي تذليل شروع ٿي ٿي وڃي ۽ ڳالهه وڃي گارين ۽ ذاتيات تي حملن تائين پُهچي ٿي.
استادن جي هن ڏينهن تي، جڏهن دنيا پنهنجن استادن کي مان ۽ شان سان خراج ِتحسين پيش پئِي ڪري، اُتي اسان رڳو استاد کي استاد سمجهي کيس پنهنجي حصي جو ڪم عزت سان ڪرڻ ڏيون، ته اهو به اسانجو استادَ توڙي هن سماج تي وڏو احسان هوندو. سرڪار کي به گهرجي ته تعليم جي تباهيءَ جو ذميوار رڳو استاد کي ئي سمجھڻ بدران ٻين ڳالهين تي به ڌيان ڏئي، ته جيئن اسانجو تعليمي نظام بهتر ٿي سگهي ۽ اسان استاد کي اُها عزت ۽ اهو احترام وارو مقام ڏئي سگهون، جيڪو هُو لهڻي.