اسلام آباد(م ڊ)پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻ فيصل واودا چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله جي ڳالهين تي حيران آهيان،ڏوهاري کي ضمانت ڪيئن ملي سگهي ٿي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اهي ئي ايڪسپائرڊ ليڊر آهن ٿورو موقعو ملندو آهي ته ادارن تي حملا شروع ڪندا آهن، ميان صاحب جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ٿي ويو آهي، ڇا پاڪستان وٽ انهن 13 پارٽين کان علاوه ٻي ڪا پارٽي ناهي، خبر ناهي ڪهڙو مجرم آهي جيڪو 21 آڪٽوبر تي ايندو ۽ هيليڪاپٽر ذريعي وري مينار پاڪستان پهچندو، نوازشريف کي مشورو آهي ته پاڪستان نه اچي،جيڪڏهن اچي ٿو ته جيل وڃي،پاڪستان ۾ جمهوريت جو مطلب اهي ٻه خاندان آهن.جنهن بيانئي تي ووٽ گهرندا آهن اهو عوام کي ناهن ڏيندا،