ن ليگ جي ڪارڪردگي خراب،نوازشريف جي آجيان جو قائل ناهيان: عباسي

لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هو ڪنهن جي آجيان ڪرڻ جو قائل ناهي. پهرين ميان صاحب جي عدالتي معاملن کي ٺيڪ ڪريو،مسلم ليگ ن جي ڪارڪردگي مان متاثر ناهيان، شاهد خاقان عباسي لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ نه هئي،.نئين پارٽي ٺاهڻ بابت سوال تي هن چيو ته پارٽي لڪ ۾ نه ٺاهي آهي، اها جڏهن به ٺاهي ويندي ته سامهون ايندي. نواز شريف سان ملڪي معاملن تي ڳالهيون ٿيون، نئين پارٽي نه پر ان جي قيام تي ڳالهيون ٿيون. مون کي پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ تي ڪو به اعتراض ناهي. لنڊن ۾ سندس خلاف نعرن تي عباسي چيو ته الله تعاليٰ احتجاج ڪندڙن کي هدايت ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.