ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي ڪراچي مان حراست بعد گم ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پوليس کي عثمان ڊار جي گمشدگي جو ٻيهر ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پوليس کي ڪيس داخل ڪري 18 آڪٽوبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، بئريسٽر علي طاهر جو چوڻ هو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڇو ناھي ڪيو ويو؟ ايس ايڇ او ملير ڪينٽ چيو ته درخواست گذار طرفان ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ئي ناھي ڪيو ويو، عدالت هدايت ڪندي چيو ته درخواستگذار جو بيان رڪارڊ ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو ڏوهي ثابت ٿئي ٿو ته ڪيس داخل ڪيو وڃي.درخواست گذار جي وڪيل چيو ته نگران گهرو وزير حارث نواز ٽي وي شو ۾ اعتراف ڪيو آھي ته عثمان ڊار پوليس جي حراست ۾ آهي، هاڻي پوليس چئي رھي آھي ته عثمان ڊار کي حراست ۾ ناهي ورتو ويو.