چونڊون ملتوي ٿيون ته مزاحمت ڪنداسين: سراج الحق

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيوآهي ته کيس اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو ڪو به سبب نظر نٿو اچي جيڪڏهن ائين ٿيو  ته جماعت اسلامي ڀرپور عوامي جمهوري ۽ پرامن مزاحمت جو رستو اختيار ڪندي. اليڪشن کان اڳ معيشت جي بهتري جون ڳالهيون ڪندڙ ناڪام ٿي چڪا آهن  کين شڪست نظر اچي رهي آهي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جا دليل ”انتخاب نه احتساب“ جي نعرن جو تسلسل آهن منصوره ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته نگران حڪومتن کي بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو به مينڊيٽ نه آهي، ماڻهن وٽ علاج لاءِ پئسا ناهن غريب پنهنجن ٻارن کي اسڪول نٿا موڪلي سگهن گاڏي ته ڇا پر ماڻھن جو موٽرسائيڪل پيٽرول ڀرڻ مشڪل ٿي پيو.ان چيو ته خودڪشيون ۽ ذهني مريض وڌي رهيا آهن،سراج الحق چيو ته اسمگلنگ ۽ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي اها رياست ۽ ادارن جي ذميواري آهي پر ان جو مطلب اليڪشن ملتوي ڪرڻ ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.