ڪنڌڪوٽ ڀرسان صحافي جو پٽ ۽ مائٽ اغوا

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ڀرسان گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل وٽ ڪم ڪندڙ صحافي جو پٽ ۽ مائٽ اغوا ٿي ويا، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ هيبت باجڪاڻي ويجهو 9 موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربند ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي ميمبر عبدالغفارمنگي جي پٽ نصيب الله منگي ۽ ويجهي مائٽ معشوق منگي کي اغواڪري ويا ۽ عادل منگي کي تشددڪري فرارٿي ويا، صحافي جي پٽ ۽ مائٽ جي اغوا بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، وارثن طرفان ٻنهي مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، صحافي برادري ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.