ڪراچي( رپورٽر ) ايس ايس پي ايس آءِ يو (سي آءِ اي ) جنيد احمد شيخ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪورئيل اسٽيٽ ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ھڪ شخص طلحا اسلم کي ٻاھرين ملڪ مان ڪالز ڪري ھڪ ريو گاڏي ۽ ھڪ ڪروڙ 50 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو ويو ھو، هن چيو ته ايس آءِ يو کي معلوم ٿيو ته ڏوھاري ايران جو گيٽ وي استعمال ڪندي دبئي جي نمبر تان ڄاڻايل شخص کي ڀتا خوري جي ڪال ڪئي ھئي. ان ڏس ۾ ايس آءِ يو پنھنجي ڪاوشن جي ذريعي 2 جوابدارن محمد شاھد ۽ محمد آصف کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ملزم محمد شاھد کان موبائل فون ھٿ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڀتو طلب جو شڪار شخص جون تصويرون ۽ ملزمنن جي ڪالز جو ريڪارڊ به موجود آهي گرفتار ملزمنن پنهنجي ڏوھ جو اعتراف به پڻ ڪيو آهي، ڀتو منشيات ۽ ٻين ڏوھن جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، ڀتي جي پئسا ايران ۽ افغانستان موڪليا ويندا آهن