شهيدن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن مٿان ايف آءِ آر ڪيس لوڙهڻ جي سازش آهي: لال جروار

سڪرنڊ (پ ر/ ن ع آ) عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار وفد سميت پوليس ۽ رينجرس هٿان بيگناهه قتل ڪيل چار ڄڻن جي تعذيت لاءِ ماڙي جلباڻي پھتو، وفد ۾ ستار رند، عاطف ملاح، غلام حسين سومرو، امير مغيري، لطيف ڀٽي، امتياز ڏاهري، ابراهيم کوسو، نور محمد ڏاهري ۽ ٻيا شامل هئا، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته سرڪار جي مدعيت ۾ ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر جي مذمت ڪيون ٿا. پوليس ۽ رينجرس هٿان قتل ڪيل مقتولن جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن مٿان سرڪار جي ايف آءِ آر ڪيس لوڙهڻ جي سازش آهي، ڳوٺاڻن مٿان داخل ڪيل ايف آءِ آر جڙتو ۽ بي بنياد آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ بنيادي انساني حق معطل ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ رياستي ادارن جي لاقانونيت جو راڄ آهي، اسين سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ماڙي جلباڻي سانحي تي جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ۽ رياستي ادارن طرفان آئين جي ڪيل ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي ماڙي جلباڻي سانحي جي جاچ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.