ڪنڌڪوٽ: نازيه ۽ ٻارڙي ڪوثر جي اغوا ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪنڌڪوٽ ( س ر)ڪنڌڪوٽ پوليس پاران نازيه کوسو ۽ ڪوثر کوسو جي اغوا ۾ ملوث جوابدار ارصلاح بنگوار کي بجار واھ ويجهو ٽارگيٽڊ آپريشن دوران گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ارصلاح ڀنگوار عورت نازيا کوسو ۽ ٻارڙي ڪوثر کوسو جي اغوا ۾ ملوث آهي، پوليس موجب سي آءِ اي انچارج محمد حنيف کوسو ۽ اي سيڪشن ايس ايڇ او طارق کوسو ڪامياب ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي، پوليس موجب اغوا ڪارن خلاف ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ روحيل کوسو جي جوڙيل ٽيم ڪارروايون تيز ڪري ورتيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.