ڪوٽ غلام محمد: نينگري سان لڄالٽ جي تصديق، ڪيس داخل

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ:الھداد خاصخيلي)ڪوٽ غلام محمد ڀرسان معصوم نينگري ميران ڪولھن سان لڄالٽ واري واقعي جو ڪيس  7 ڄڻڻ تي داخل ڪيو ويو، ٻارڙي سان لڄالٽ جي تصديق ٿي وئي، ڳوٺ غلام حيدر شاھ ۾ 16 ورهين جي ميران ڪولھن کي گھران کنڀي ڏاڍائي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس وومين ٿاڻي ميرپورخاص تي متاثر نياڻي جي والد ڪستورو ڪولھي جي فرياد تي ميران سان زيادتي ڪندڙ شفيق ڀرڳڙي ۽ سھولتڪارن سميت 7 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو،ھ ايس ايڇ او وومين ٿاڻي ميرپورخاص مومل لغاري پاران مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوٽ غلام محمد ۾ ڇاپا ھنيا ويا پر جوابدار ڌر جا ماڻھو گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا، زيادتي جو نشانو بڻيل نياڻي جي وارثن ۽ دراوڙ اتحاد جي اڳواڻ فقير شيوا ڪڇي ميران ڪولهڻ سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار ۽ سندس سھولتڪارن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو آهي، ھنن چيو ته جيڪڏھن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته اسان ڊي آءِ جي ميرپورخاص جي آفيس سامھون احتجاجي مظاهرو ڪنداسين، ھوڏانھن اھو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ميران سان لڄالٽ ٿيڻ  جي تصديق پڻ ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.