سنڌ ۾ نياڻيون ۽ نوجوان قتل ٿين پيا، لاقانونيت جو راڄ آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي مھانگائي، ڊجيٽل آدمشماري، بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ، ڪرپشن، زرعي  تباھي، پاڻي تي ڌاڙي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف 8 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ھٽڙي باءِ پاس تي سنڌ بچايو ملڪ بچايو عام جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جلسي عام ۾ ھزارين سنڌياڻين سميت لکين ماڻهو شرڪت ڪندا، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بڻايو ويو آھي، مھانگائي سبب لکين پورھيتن، ھارين ۽ مزدورن جي زندگي بدتر ٿي وئي آھي، صحافين، معصوم ٻارڙن، نوجوانن ۽ نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي، لاقانونيت ۽ بربريت جو راڄ آھي، سنڌ جا وسيلا تين وال ڪيا پيا وڃن، پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سبب سنڌ کنڊر ٿي وئي آھي، هن چيو ته  اسان وٽ قدرتي نعمتن باوجود پاڪستان جو ڪروڙين عوام بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آھي، ڪجهه ماڻھن کي دولتمند بڻائڻ لاءِ ڪروڙين ماڻهن کي غربت جي حوالي ڪيو ويو آھي،  8 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ھٽڙي باءِ پاس تي سنڌ بچايو ملڪ بچايو جلسي ۾ لکين عوام شريڪ ٿي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاريندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.