اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نگران سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، اليڪشن ڪميشن سندس بيان جو مناسب جواب ڏيندي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، سندس بيان کي اليڪشن ڪميشن ڏٺو هوندو، هو مناسب جواب ڏيندا.اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي بابت پڇڻ تي مرتضيٰ سولنگي چيو ته سندس واپسي جو نگران حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ چين لاڳاپا سدا بهار آهن ۽ انهن جو مستقبل تمام روشن آهي.
چونڊون ملتوي ڪرڻ سان بي يقيني پيدا ٿيندي: احسن اقبال
اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته ماضي ۾ به ڊسمبر ۽ جنوري ۾ اليڪشن ٿي چڪي آهي، چونڊون ملتوي ڪرڻ سان بي يقيني پيدا ٿيندي، چاهيون ٿا ته چونڊون وقت تي ٿين، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ ادارن ذريعي اسان سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي،فضل الرحمان ۽ شاهد خاقان جي چونڊن بابت پنهنجي پنهنجي راءِ آهي، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شعيب شاهين چيو ته اليڪشن نومبر ۾ ڪرائي وڃي، تازي سروي ۾ به عمران خان مقبول قرار ڏنو ويو آهي،پي ڊي ايم وارا جلد اليڪشن کان ڊنل آهن، اهي عوام کي منهن نٿا ڏيکاري سگهن