ڪرائي جا قاتل: افضل لُنڊ جي قتل ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف

ٽنڊو آدم (م ڊ) ٽنڊوآدم پوليس پاران 22 ڏينهن اڳ قتل ڪيل قومپرست ڪارڪن ۽ ٽڪ ٽاڪر افضل لنڊ جي ٻن قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي سانگهڙ صدام خاصخيلي پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جوابدار فراز عرف آزاد کوسو ۽ اسد علي کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي جوابدارن افضل لنڊ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پوليس موجب جوابدارن افضل لنڊ کي لون وٺڻ بهاني گهرائي قتل ڪيو، جوابدارن جو تعلق ڪي اين شاهه سان آھي، ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ورتو ويو آهي، جوابدارن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل، هڪ پسٽل، 5 موبائل فونز ۽20 سم ڪارڊز هٿ ڪيا ويا آهن، ايس ايس پي سانگهڙ چيو ته جوابدارن کي پئسا ڏئي افضل لنڊ جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرائي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.