اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن تڪبندين بابت فافن جي تجزئي کي غلط فهمي تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي جون 266 سيٽون صوبن جي آبادي بنياد تي رکيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تڪبندين بابت فافن جو تجزيو غلط فهمي تي ٻڌل آهي، قومي اسيمبلي جون 266 سيٽون صوبن ۾ آبادي جي بنياد تي ورهايون ويون آهن. صوبي جي الاٽ ٿيل سيٽن ۽ آبادي کي نظر ۾ رکندي صوبي جي ڪوٽا جو اندازو لڳايو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب هر ضلعي جي آبادي ۽ سيٽن کي نظر ۾ رکندي تڪ بندين جي حد بندي ڪئي وئي، فافن صوبي جي ڪوٽا کي هڪ يونٽ طور ڏسي ٿي ۽ ضلعي کي نظرانداز ڪيو. ايڪٽ جي سيڪشن 20(3) ۾ تازي ترميم به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته ضلعو بنيادي يونٽ هوندو، آبادي جي ڊيٽا ابتدائي حلقن ۾ موجود آهي، آبادي جي ڊيٽا ۾ فرق جي حوالي سان ڄاڻايل ڊيٽا درست ناهي.