ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ ڊالر مافيا پاران 5 ڪروڙ کان وڌيڪ ڊالر گهرن ۾ لڪائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان حساس ادارا ڏينهن رات جاچ ڪري رهيا آهن.ذريعن موجب حساس ادارن مختلف بئنڪن ۽ مني چينجرز جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي ۽ آمريڪي ڊالر سميت پرڏيهي ڪرنسي جي خريد و فروخت ۾ ملوث ماڻهن جون لسٽون پڻ تيار ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب پرڏيهي ڪرنسي سيڙپڪاريءَ طور خريد ڪندڙ ڪراچي جي وڏين وڏيرن 5 ڪروڙ کان وڌيڪ آمريڪي ڊالر ۽ ٻيون پرڏيهي ڪرنسي واپس نه ڪئي آهي.اهڙن مافيائن جي لسٽ ۾ شامل ماڻهو ڪراچي جي اولڊ سٽي ايريا جي لياري، کھارادر، مٽياري، صدر، باٿ آئيلينڊ، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ ٻين علائقن جا رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو.ذريعن موجب لسٽن ۾ شامل ماڻهن جي گهرن تي ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي