اسلام آباد (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) وفاقي حڪومت جي منظوري سان بجلي مهانگي ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. نيپرا ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ بجلي 3 رپيا 28 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. هاڻ وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پڌرائيءَ موجب بجلي واهپيدارن کي 6 مهينن ۾ واڌو ادائيگيون ڪرڻيون پونديون، بجلي واهپيدار آڪٽوبر 2023 کان مارچ 2024 تائين ادائيگيون ڪندا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي.