اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اليڪشن ڪميشن جو سياسي پارٽين سان ايندڙ عام چونڊن لاءِ ضابطه اخلاق تي مشاورتي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن مان جاري ڪيل بيان مطابق اليڪشن ڪميشن جو سياسي پارٽين سان ايندڙ عام چونڊن لاءِ ضابطه اخلاق تي مشاورتي اجلاس 4 آڪٽوبر تي ٽپيهر 2 وڳي اليڪشن ڪميشن سيڪرٽريٽ اسلام آباد ۾ ٿيڻو هو جيڪو ڪجهه معزز ميمبرن جي غير موجودگي جي سبب ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اهو اجلاس 11 آڪٽوبر 2 وڳي اليڪشن ڪميشن سيڪرٽريٽ ۾ ٿيندو