غريب ضلعن لاءِ سوشل سيڪيورٽي حڪمت عملي جوڙي وڃي: مقبول باقر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سوشل سيڪيورٽي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي جي ڪچي  آبادين سميت غريب ضلعن لاءِ ضرورتن ۽ انساني حقن آهر ڪراس سيڪيٽورل سوشل سيڪيورٽي حڪمت عملي جوڙي ان تي اثرائتي نموني عمل پڻ ڪرايو وڃي. ڪراچي جي غربت جو شڪار ۽ ڪچين آبادين ۾ غربت جو تناسب صوبي جي ٻهراڙي وارن علائقن جي برابر آهي تنهنڪري ڪراچي کي سوشل سيڪيورٽي پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ سوشل سيڪيورٽي کاتي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ سوشل پروٽيڪشن اسٽريٽجي تحت سوشل رجسٽري لاءِ موثر مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (MIS) تيار ڪيو ويو آهي. ايم آءِ ايس قائم ڪيو ويو آهي جتي 62 هزار ڳورهاري عورتن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ 165 ملين رپيا ورهايا ويا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.