ڪرپشن جو خاتمو ۽ نوان صوبا قائم ڪرڻ اڻٽر آهن: محمد خان هوتي

ايبٽ آباد(م ڊ) ملڪ جي اڳوڻي وفاقي وزير محمد خان هوتي چيو آهي ته اليڪشن کان اڳ ملڪ ۾ ڪرپشن جو خاتمو انتهائي ضروري آهي. ملڪ کي ڪرپشن ۽ موروثي سياست تباهه ڪري ڇڏيو آهي. موجوده صورتحال ۾ نَوان صوبا قائم ڪرڻ اڻٽر آهن. پي ٽي آءِ پنهنجي دؤر ۾ بلدياتي ادارن کي فنڊ فراهم نه ڪيا، ملڪ ۾ 95 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لِڪير کان هيٺاهين واري زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته  مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ملڪ ۾ غريبن جو مطالبو اهو آهي ته اٽو سستو ڪيو وڃي،

لاهور ڪنوينشن ۾ ماڻهو گهٽ اچڻ تي مريم نواز ملڪ رياض تي ڪاوڙيل

لاهور(عوامي آواز نيوز) نواز شريف شاهدره ڪنوينشن تي ڪاوڙ ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو.نيو نيوز موجب نوازشريف طرفان شاهدره ريلي جي غيرجانبدار رپورٽ طلب ڪرڻ تي مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻن گذريل ڏينهن جي ريلي جي رپورٽ نواز شريف کي جمع ڪرائي ڇڏي. رپورٽ موجب مريم نواز ان ڳالهه تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ته ملڪ رياض کان شاهدره ۾ توقع کان گهٽ ماڻهو آيا.رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي ته مقامي قيادت جي ٽڪيٽ تي غور ڪيو وڃي. اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته تڪ کي غير معمولي ترقياتي فنڊ ملڻ باوجود عوام جي طاقت ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.نوازشريف جي استقبال لاءِ نڪتل پهرين ريلي جي هنڌ ۽ ڪارڪنن جي تعداد تي ڪيترائي سوال اٿاريا ويا ۽ ڪالهه واري ريلي کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ مفرور ۽ گهربل جوابدارن جي گرفتاري بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۽ ويڊيو لنڪ ڪانفرنس  ٿي، آءِ جي سنڌ مختار راجا حڪم ڏيندي چيو ته ڏوهن  خلاف رينج، زون، ضلعن جي سطح تي ڪاررواين ۾ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري تي به خاص ڌيان ڏنو وڃي، آءِ جي سنڌ مفرور، اشتهاري جوابدارن جي گرفتارين تي مشتمل رپورٽ جو به جائزو ورتو، هن چيو ته مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جون لسٽون اپڊيٽ ڪيون وڃن، سڄي صوبي ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي رينج ۾ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو وڃي، يقيني ڪاميابي لاءِ انٽيليجنس ڪليڪشن سسٽم کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي، ڏوهن خلاف ڪارڪردگي ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ تي به خاص ڌيان ڏنو وڃي.

زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي ايندو؟ اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي: موسميات کاتو

ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي چيو آهي ته زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي ايندو، اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي، زلزلو پيما ريسرچ انسٽيٽيوٽ سولر سسٽم جيو ميٽري سروي جي  طرفان پاڪستان ۾ زلزلي متعلق اڳڪٿي تي موسميات کاتي طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن زلزلو پيما ريسرچ انسٽيٽيوٽ سولر سسٽم جيو ميٽري سروي ايس ايس جي ايس طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته بلوچستان ۾ زمين چمن فالٽ لائن ۾ تيز لرزش رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪو طاقتور زلزلو اچي سگهي ٿو، جنهن جي شدت 6 کان ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، موسميات کاتي ان حوالي سان چيو آهي ته زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي ايندو، اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي، موسميات کاتي چيو آهي ته عوام زلزلي متعلق سوشل ميڊيا جي خبرن تي ڌيان نه ڏي، ڪنهن مستند بين الاقوامي اداري پاڪستان جي لاءِ ڪا به وارننگ ناهي موڪلي، عام طور تي فالٽ لائنز تي ٻيهر زلزلي جو امڪان سئو سال بعد هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.