ياد جي گهڻو اچان ته هلچلن ۾ ڳولجانءِ

تحرير: مرڪ منان چانڊيو

ڪامريڊ منان چانڊيو جي جدوجهد ۽ جاکوڙ صرف قلم ۽ ليک تائين محدود نه هُئي پر هو عملي طور سنڌ ۽ سنڌي عوام جي هر مسئلي تي سراپا احتجاج رهيو، هن احتجاجن، مظاهرن، جلسن کان ويندي لانگ مارچن ۾ شرڪت ڪري پنهنجا پير پٿون ڪيا.

ڪامريڊ منان رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ جي نظريي سان سلهاڙجي هڪ حقيقي ۽ سچي ڪارڪن جيان پنهنجي زندگي پنهنجي ڌرتي جي ماروئڙن لاءِ  وقف ڪري ڇڏي هئي.

1983ع ۾ ڪامريڊ منان ايم آر ڊي تحريڪ دوران عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ۾ رضاڪاراڻي گرفتاري پيش ڪئي، لاڙڪاڻو کان سکر سينٽرل جيل تائين 9 مهينا ۽ ڪجهھ ڏھاڙا ضمير جو قيدي بڻجي جيل ۾ رهيو. ان کانسواءِ پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم دشمن منصوبن خلاف ڀٽ شاھ کان ڪراچي تائين پيدل لانگ مارچ جي آخري ڏينهن تي ڪراچي ۾ پليجو سميت سوين ڪارڪن سان گڏ گرفتار ٿي ڪجھ ڏينهن تائين ڪراچي جيل ۾ رهيو. عوامي تحريڪ طرفان جيڪي به پيدل لانگ مارچ مختلف شھرن کان ڪراچي تائين ٿيا تقريبن سمورن ۾ ڪامريڊ منان شامل رهيو. شهيد عوام محمد فاضل راهو جي چاليهي تي لاڙڪاڻو کان ٻين پارٽي دوستن سان گڏجي راهوڪي تائين ڏھن ڏينهن واري پيدل لانگ مارچ ۾ شامل ٿيو. ان کان علاوه عوامي تحريڪ جي سوين هزارين تنظيمي، سياسي احتجاجي ننڍين وڏين سرگرمين ۾ شريڪ ٿي پنهنجو حصي جو ڪم ڪندو رهيو. عوامي جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي ڪامريڊ منان تي ڪيئي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيندا رهيا اهڙن جڙتو ڪيسن جي پويان وڏيرڪي سوچ سميت انهن پوليس جي پالتن جو به وڏو هٿ هيو جيڪي ڀوتار جي ڇڇڪر تي پاڻ وڻائڻ خاطر ڪوڙا قلم کڻي ڪامريڊ تي ڪيس داخل ڪري وري وڏيري جي اوطاق تي وڃي سندس پيرن تي هٿ رکي چوندا هيا ته ڀوتار سائين تنهنجي مخالف ڪامريڊ تي اڄ ٻه ڪيس داخل ڪيا آهن، پنهنجي واٺي جي اهڙي ڪرت تي وڏيرو وڏا ڏند ٽيڙي واڇو کنڊيري کلي پوندو هو. اها ڳالهه هتي وڏي ذميواري سان چئي ۽ لکي سگهجي تي ٿي ڪامريڊ منان مٿان اهڙن ڪوڙن ايف آءِ آرن جو تعداد 13 جي لڳ ڀڳ هيو، انهن ڪيس ۾ ملڪ دشمني، دهشتگردي، سميت، پوليس مقابلن سميت ڪيئي ڪوڙا ڪيس هيا جن کي ڪامريڊ منان وڏي دليري سان مقابلو ڪري منهن ڏنو. ڀوتارن جي نظر ۾ ڪامريڊ وڏو دهشتگرد هيو، رياست جي نظر ۾ ملڪ دشمن هيو. هو ڀوتارن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هيو، هو رياست جي ظلم کي سچائي سان لکندو هو. جنهن ۾ احتجاج يا ڌرڻي ۾ ڪامريڊ منان طبقاتي نظام تي تز ڳالهائي گهر واپس ورندو هيو ته هوڏانهن مٿس ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيندو هيو. پر انهن سڀني شين جي هن ڪا پرواهه نه ڪئي، هو ظلم خلاف لکندو به رهيو ته ڳالهائيندو به رهيو. جڏهن ڪامريڊ منان زندگي جا پويان پساهه کڻي رهيو هيو ان وقت به مٿس 7 ڪوڙا ڪيس داخل ٿيل هيا جن جي هن ضمانت به نه ڪرائي هئي. اسين کيس گهر ۾ چوندا هياسين ته اوهان تي ايترا ڪيس آهن انهن جي ضمانت نه ڪرائڻ جو آخر ڪهڙو سبب آهي، جنهن تي هو وڏو ٽهڪ ڏئي چوندو هيو ته مون مٿان داخل ٿيل سڀئي ڪيس ڪوڙا آهن. ڀلا ڪوڙن ڪيسن جي به ضمانت ٿيندي آهي ڇا؟ چوڻ جو مطلب ته ان مامري ۾ هو بي ڌڙڪ هوندو هيو، ڪنهن به ڳالهه جو خطرو مٿس حاوي ڪين ٿيندو هو.

هي  ماڻهو  وهه  جو  ڍڪ  ٿيا.

جئين لڪ لڳي تئين رڪ ٿيا،

هن سماج ۾ والدين اولاد جي پيرن ۾ پهرين زنجير عقيدي جي وجهندا آھن، پر اُهي والدين جيڪي اولاد جي ڪَنن ۾ انقلاب جي آذان ڏين، انقلاب جو زيور پارائي، ڌرتيءَ سان عِشق جي سُتي پيارين، قلم ۽ ڪتاب سان اٽوٽ رشتو جوڙڻ جو ڏس ۽ درس ڏين، پنهنجي پوئينرن کي مارُن سان محبت سيکارين، اهڙن والدين کي جڏهن وقت جلد ۾ جهٽي وڃي ته انهن جي ڇانو هيٺان ويٺل جيوت مٿان مصيبتن جو ديوقامت وڻ ڪري پوي ٿو. ڪامريڊ منان چانڊيو اسان مٿان ٿڌڙي ڇانو ڏيندڙ ان چهچ وڻ مثل هيو جيڪو اس جون تيز لڪون ۽ جهولا برداشت ڪري ٿڌڙي ڇانو مهيا ڪندو آهي، پر اوچتو جڏهن اهڙا وڻ ڪري پوندا  آهن ته وقت جي گرمي ۽ اس ساڙي وجهندي آهي. پر وري اها اميد به هوندي آهي ته وڍيل وڻ جي پاڙ مان وري ڪو اهڙو درخت پيدا ٿيندو جيڪو ڪجهه وقت کان پوءِ اهڙي ڇانو ڏيندو. ائين ڪامريڊ منان چانڊيو جو ڇڏيل سياسي ۽ ادبي پورهيو اسان لئه ان ٿڌي وڻ جي ڇانو مثل آهي جيڪو زماني جي تپش کان اسان کي آخر بچائي ويندو. وقتي مصيبتن کي منهن ڏيئي زندگي جي سفر کي جاري رکي هاڻ ان واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ۾ آھيون ته اسانجي زندگي شَل مسڪين مارن جي ڪم اچي سگهي، جيڪو ڪامريڊ ڏس ۽ دڳ ڏيکاري ويو آهي ان تي پير رکي هلڻ جي جستجو ۾ آهيون.

آئون هن ڏاڍ جي جبل کي ڏاري ته نه ٿي سگهان پر پنهنجي دانهن جي طاقت سان لوڏي ضرور سگهان ٿي، ظالم کي هڪ ڌڪ ۾ ماري مڃائي ته نٿو سگهجي پر ان جي ڳچي پڪڙي انکي ايترو چئي سگهجي ٿو ته اڄ هي هڪ هٿ آهي پر سڀاڻي سوين هزارين هٿ تنهنجي ڏاڍ جي ڪلي لڳل ڪنڌ ۾ پئجي سگهن ٿا.

ڏونگر ڏکوئين تي تپي ڪندين ڪوھ،

تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوھ

جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوھ سا پٿون ٿيندي پير تي.

بابا اسان ۾ ننڍپڻ کان ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ قومي عوامي سمجھ سُرت پيدا ڪئي، اڄ اسان جيڪو ڪجهھ آھيون سڀ بابا جي ڪري ئي آھيون ڇو جو بابا اسان کي خوداعتماد ۽ پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ سيکاريو، اهو ئي سبب آهي جو رهزن سماج ۾ اڄ اسان بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي ٻاهر نڪري سگهون پيا، تعليمي ادارن کان ويندي سياسي سماجي ۽ علمي ادبي ميدان ۾ پڻ اڳ کان اڳڀرا آھيون.

ڪامريڊ منان جي جدوجهد جو تسلسل برقرار رکندي آءُ سندس نياڻي سياسي پُختگي ۽ مضبوطي سان سنڌ جي دل ڪراچي جي روڊن رستن تي ڌرتي ڌڻين جي حقن جي حاصلات لاءِ  پنهنجي حصي جي جدوجهد ڪري پنهنجي بابا جي ڏنل دڳ ۽ واٽ تي گامزن آھيان ۽ رهنديس. مون جڏھن هن وشال ڪائنات ۾ اَک کولي تڏھن منهنجي ڪَنن ۾ انقلاب جي آذان گونجي هُئي، ڪنهن شَخص شايد ان وقت منهنجي ڪنن ۾ ڌرتيءَ ڏانهن رُخ ڪري، مارُن ڏانهن اشھد آڱر جو اشارو ڪري مارويءَ جو خطبو پڙھيو.

”واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جي هِتِ مُياسِ،

گورَ منھنجي سُومرا! ڪِجِ پَھُنوارَنِ پاسِ،

ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَه جي، مَنجهان وَلڙينِ واسِ،

مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙُھه مَلِيرَ ڏي“

ها ان خطبي ۾ صرف ديس جي وفا هُئي، لوئي ۽ لڄ جي ڳالهھ ھُئي، وطن ۽ مسڪين مارن جي ڳالهھ هئي، کٿي ۽ کبڙ جي ڳالھه هُئي. چانڊوڪي ۽ چيٽن جي ڳالهه هئي، ظلم، ناحق، ڏاڍ ۽ جبر سان وڙهڻ جي ڳالهه هئي، ڀوتارڪي ڀت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪي هڻڻ جي ڳالهه هئي، جاگيرداري نظام جي ڪرندڙ ڇٽ جي ڳالهه هئي، واره سميت سنڌ جي وارثي جي ڳالهه هئي، حياءُ، شرم ۽ لڄ جي ڳالهه هئي، همت، جرئت، جوش ۽ جذبي جي ڳالهه هئي. ڪامريڊ منان چانڊيو جهڙن ڪردارن جا مقصد ۽ مشن اسان سڀني لاءِ  هڪ سبق آھن جنهن مان اسان سڀني کي سکڻ گهرجي.

اڄ ڪامريڊ منان جي ٻي ورسي جي موقعي تي سندس ڪيل عوامي جدوجهد ۽ جاکوڙ کي سُرخ سلام پيش ڪندي اهو عهد ڪيون ٿا ته سندس ڇڏيل مقصد غريب، مسڪين ۽ مظلوم قوم ۽ عوام جي سُک، خوشحالي ۽ آجپي لاءِ  پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري ڪامريڊ منان چانڊيو جي نظريي کي پائي تڪميل تائين پهچائنداسين.

گونجار ڪندي جا مون کان پوءِ،

تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان،

مان ورڻو هان، مان ورڻو هان.

شيخ اياز

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.