عبدالمنان چانڊيي جي والد صاحب جو نالو سعد الله، جنهن کي اسان "ڏاڏو سعد الله” ڪوٺيندا ھئاسين، ان جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ "جھان خان مارفاڻي” کان اتر طرف تي، اڌ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ھُيو "صاحباڻن جو ڳوٺ”. جنهن ۾ ٽي چار ننڍيون وڏيون اوطاقون ھُيون، جن ۾ ھن جي ڏاڏي سعد الله جي اوطاق به ھئي. جنهن ۾ مثالي مھمان نوازي ٿيندي ھئي. ڏاڏو سعد الله تَرَ ۾ تمام ڀلو ماڻهو ليکيو ويندو هو.
انهن ڏينهنِ ۾ شناختي ڪارڊن وارا علائقن ۾ نڪرندا هئا ٽيمن جي صورت ۾ ٽئڪسي گاڏيون ڪري ۽ ڪنهن چڱي ماڻهوءَ وٽ ايندا ھئا ته، "اسان سان گڏجي ھلو” ڇو ته عورتن جا نالا ڳوٺاڻا انهن کي ڪو نه ٻڌائيندا هئا ۽ نه اوطاقن ۾ ويھي اُھي کڻندا هئا.
مونکي ياد آهي ته، ان پاسي ھڪڙو ڳوٺ ھو، جتي اسان وياسين. اتي جڏهن ٽيم جي ماڻهوءَ ھڪ ھمراهه کان گھرواريءَ جو نالو پڇيو ته، اھو چِڙي ويو ۽ چيائينس ته،”ڪھڙي حيثيت ۾ منهنجي زال جو نالو ٿو پڇين؟” پوءِ اُٿي گهرِ ھليو ويو. جيئن ته ان جي گھرواريءَ جو نالو پڇڻو ھو، سو مون ھڪ ھمراهه کان پڇيو ۽ ان ٻڌايو.
ٿوري دير کان پوءِ اھو واپس آيو ۽ مذاق ۾ ٻڌايوسونس ته،”تنهنجي گھرواريءَ جو نالو ته ھي آھي.”
تڏهن ڪاوڙ ۾ وڃي لٺ کنيائين ته،”توھان منهنجي گھرواريءَ جو نالو ٻڌايو آهي.” اوڏي مھل ماڻهن اٿي جهلي ورتس ۽ ائين ھمراهه سنڀالجي ويو.
ٽيمون جڏهن اينديون هيون، ته کٽ کي اُڀو ڪري پويان رِلھيون رکيون وينديون هيون، جن اڳيان ماڻهن کي بيھاري تصويرون ڪڍيون وينديون هيون.
مونکي ياد ٿو اچي ته، ھڪڙي ڀيري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اسان ڏي آيو. مان ننڍو آهيان. ته، ان وقت ھن سان جيڪا ملاقات ٿي الھر رکيي مارفاڻيءَ وٽ، جيڪو به پاڻ کي ڪامريڊ سڏائيندو ھو ۽ ڪتاب به لکيو اٿس. اڳتي هلي اُھو ۽ ٻيا پليجي صاحب سان گڏيا ۽ ان جي پارٽيءَ ۾ آيا. جنهن کان پوءِ هن علائقي ۾ ٿورو گهڻو شعور وڌيو.
عبدالمنان ھارپو ھجي يا مزوري، ان ۾ عارُ ڪو نه ڪيو. مٿي اسان جي بڊام ڍنڍ تي ھڪڙي دور ۾ پاڻي نه ھُيو ۽ ھيٺ ماڻهن بورنگيون ڪري مشينون چاڙھيون ھيون، جنهن ۾ اسان به مشين چاڙهي ھئي، اتي به ھن محنت ڪئي ۽ آبادي ڪري ھارپو ڪيائين. جيڪو اسان به ڪيو. ان زماني کان وٺي اسان گڏ رھياسين. مائٽ به ھئاسين. ڳوٺ به گڏ ھئا. ته، ائين اسان جون زندگيون گڏ گذريون.
پوءِ جڏهن عبدالمنان ذھني طور پختو ۽ برجستو ٿي پنهنجي ڪم ۾ لڳو ته ڳوٺ کان وارھ لڏي آيو. جتي ھن پنهنجا ٻچا پڙھائڻ شروع ڪيا.ھن جي علائقي مان مونکي ڪو نه سجهي ته جنهن اھو خيال ڪيو ھجي ته، نياڻيون به پڙھائڻيون آھن. ھي واحد ماڻهو ھو، جنهن پُٽن سان گڏ پنهنجي نياڻيءَ کي به پڙھايو ۽ ڪنهن به قسم جو فرق محسوس نه ڪرايائين، ته پُٽ ڇا ٿيندو آ ۽ نياڻي ڇا ٿيندي آهي. جيڪو منهنجي خيال ۾ ھن جو وڏي ۾ وڏو قدم ھو.
ٻيو ھن جي خوبي اها به ھئي ته، ڀلي ڪو لکاپتي ھجي، ڪروڙپتي ھجي يا ڪيرُ به، جيڪڏهن ڪنهن بي پھچ سان زيادتي ڪندو ھو، ته ھو چيلهه ٻڌي ان ڪمزور سان بيھي رھندو ھو ۽ چوندو ھوس ته،”مان توسان ھر حال ۾ گڏ آھيان. ڇو ته توسان زيادتي ٿي آهي.” ته، ھو زيادتين جي خلاف ھُيو،.
وارھ جي مسئلن تي، پوءِ اُھو پاڻيءَ جو ھُجي، امن اَمانَ جو يا خون خرابي جو، ته ھو شھر کان ٻاهر ڪٿي به ٿيندڙ انهن احتجاجي جلسن جلوسن ۾ پھچي ويندو هو. جڏهن ته مونکي خبر آهي ته، ھن جي مالي حالت به سُٺي نه ھوندي ھئي ۽ اھا حيران ڪندڙ ڳالهه آ، ته ڪٿان به ھو ڪِرايا ھٿ ۾ ڪري نڪري پوندو هو. بک ڏک کي ھن ڪڏهن به ليکي ۾ نه آندو.
عبدالمنان جو والد صاحب، جيئن مون مٿي چيو ته، ان کي "ڏاڏو.. ڏاڏو..” ڪري چوندا ھئاسين ۽ بابو "ڪاڪو” ڪري چوندو ھيس، اھو جيتوڻيڪ مونکان گھڻو وڏو ھيو، پر منهنجي ان سان دوستي ھوندي ھئي ۽ ھو به وڏي واڪي چوندو هو ته،”منظور منهنجو دوست آ” مان جڏهن وٽس ويندو ھوس ته مھمان وانگر منهنجي وڏي خدمت ڪندو هو.
عبدالمنان جي آخري ڏينهنِ ۾ مان جڏهن ھن جي عيادت لاءِ اسپتال ۾ (ڪراچيءَ ۾), ويس، ته مونکي ڀاڪر وجهي ھَٿُ ھَٿَ ۾ ڏنائين ته ان مھل منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ ھن جي به اک مان ڳوڙها وھي پيا. اھو ڏسي مونکي ڪجهه آسرو ٿيو ته، ھن جي اک مان (جيڪا لاڙڪاڻي جي ڪنهن ڊاڪٽر غلط آپريشن ڪري خراب ڪئي ھئي) جيڪڏهن ڳوڙها وھن ٿا، ته ان ۾ ڪجهه طاقت آهي.ان دوران عرفان (ھن جي پٽ) جي اڳيان ھن اھو چيو ته،”تون بابي جو يارُ آن، مِٽُ پڻ. سو جيءُ آئين، ڀلي آئين.”
ته، اسان پاڻ ۾ پاڙيسري به ھئاسين ۽ مِٽَ ۽ ويجها به ھئاسين. زمينون به تقريبن گڏيل رھيون ھِنِ. ڪاڇي جي اسانجي سمونڊ ٻَني منجهه جيڪي وڏڙن جا حصا آهن، ان ۾ ھنن جا حصا به آهن.
عبدالمنان منهنجو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيل جو ساٿي به رھيو.۽ ھن جو اھو به وڏو ڪارنامو ھيو، ته جتي پاڻ سوين ڪالم ۽ مضمون لکيائين، اتي پنهنجي ڌيءَ ۽ پٽ کي به ليکڪ بڻائڻ جو اتساهه ڏنائين. ان کان علاوه نه رڳو انهن کي جلسن جلوسن ۾ لازمي وٺي ويندو هو، پر پنهنجي گھرواريءَ کي شريڪ ڪرڻ ۾ وک اڳڀري رکندو هو.