شاهد خاقان ۽ ٻيا پي ٽي آءِ جي جاءِ والارڻ چاهين ٿا ؟

لنڊن ( عوامي آواز نيوز ) ملڪ ۾ ٽين  سياسي پارٽيءَ جو تجربو 9 مئي واقعن جي صورت ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي ، ڇا ان باوجود شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، مشاهد حسين سيد، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ سندن حامي پي ٽي آءِ جي متبادل پارٽي ٺاهڻ جو تجربو ڪرڻ وڃي رهيا آهن، نامياري صحافي انيق ناجي جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان کي ته نواز شريف۽ (ن) ليگ ۾ وڏي عزت ڏني ۽ وزيراعظم جي عهدي تي به ويهاريو ان باوجود ان کي پارٽيءَ کان ڪهڙي شڪايت آهي، ڇا هو مريم نواز کي عهدو ۽ پارٽي اختيار ڏيڻ  تي ناراض آهي، ته سوال آهي ته  ڇا هو پيپلز پارٽي ۾ هجي ها ته  شهيد بينظير ڀٽو جي قيادت تي ان ڪري اعتراض ڪري ها ته هوءَ عورت هئي، جڏهن ته شاهد خاقان جي مريم نواز وڏي عزت ڪري رهي آهي پر محسوس اهو ٿو ٿئي ته مٿي ڄاڻايل اڳواڻ پي ٽي آءِ جو خال ڀرڻ چاهين ٿا، ان ۾ کين ڪيتري ڪاميابي ملي ٿي اهو ته وقت ٻڌائيندو پر جيڪڏهن اڳواڻن کي اها خوشفهمي آهي ته جيئن پي ٽي آءِ  جي اسٽيبلشمينٽ پٺڀرائي ڪئي ساڳي طرح سندن پارٽيءَ جي به پٺڀرائي ڪندي ته حالتن مان ايئن ٿيندو نظر نٿو اچي ڇو ته پي ٽي آءِ وارو تجربو اسٽيبلشمينٽ جي اهڙو ڳچيءُ ۾ پئجي چڪو آهي جو نٿو لڳي ته اسٽيبلشمينٽ وري ڪو تجربو ڪندي، رهيو سوال ته شاهد خاقان جي حالت ته اها آهي ته ماضيءَ ۾ هو لاهور واري تڪ تان به هارائي چڪو هو، ساڳي صورتحال مفتاح اسماعيل جي آهي، مصطفيٰ نواز کي به ڪا وڏي عوامي پٺڀرائي نظر نه ٿي اچي ان ڪري حالتن مان نٿو لڳي ته اڳواڻ ڪا نئين سياسي پارٽي ٺاهي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا، الٽو کين ن ليگ ۾ جيڪا اهم حيثيت حاصل آهي اها به وڃائي ويهندا، مشاهد حسين جو حال ته چوڌري نثار کان به بدتر ٿيندو، ان هوندي به پاڪستان جي سياست ۽ عوام جي موڊ جي اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي ٿي سگهي ٿو نئين سياسي پارٽي عوام ۾ مقبوليت ماڻي وٺي پر حالتن مان مشڪل محسوس ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.