مستونگ ۾ ٿيل دھشتگردي ۽ قومي يڪجھتي بابت سوال

تحرير: سيد مجاھد علي

آرمي چيف جنرل عاصم منير جي يقين ڏيارڻ باوجود اڄ پاڪستان ۾ رتوڇاڻ  آھي. مستونگ ۾ عيد ميلاد النبي جي جلوس ۾ آپگهاتي بمبار جي حملي ۾ 53 ڄڻن جي حياتي ھلي وئي. خيبرپختونخواهه جي علائقي هنگو ۾ ٻن آپگهاتي ڌماڪن ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا.ڪيترائي زخمي آھن.تحريڪ طالبان پاڪستان ان کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي پر داعش انهن ڌماڪن جي ذميواري قبولي آهي.

ان کان علاوه پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ جي اطلاع  موجب گذريل رات بلوچستان جي علائقي زوب ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿيا.ٽي دهشتگرد مارجي ويا. پر ان باوجود ڪجهه دهشتگرد مستونگ ۾آپگهاتي حملي ۾ڪامياب ٿيا. جيڪو زوب کان 300 ڪلوميٽر ڏور آهي.

افغانستان مان آمريڪي فوجن جي واپسي کانپوءِ پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون وڌيون آهن.اتحادي  فوج جي آمريڪا جي قيادت ۾ افغانستان ۾ هجڻ تائين، پاڪستاني اختيارين جو خيال هو ته ڪابل حڪومت پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ دهشتگرد گروپن جي سرپرستي پئي ڪئي ۽ ڀارتي ايجنسيون انهن کي استعمال ڪن پيون. انهن الزامن جو ٺوس ثبوت تھ سامهون نه آيو، پر پاڪستان جي سرڪاري پوزيشن اھا ئي ھئي. ڊسمبر 2014ع ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ پاڪ فوج دهشتگرد گروپن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ۽ آپريشن ضرب عضب ۽ردالفساد ذريعي ملڪ ۾ دهشتگردن جا سمورا ٿاڪ ختم ڪيا ويا آهن ۽دعويٰ ڪئي وئي تھ انھن جي تنظيمي صلاحيت تباهه ڪئي وئي آهي.

آگسٽ 2021ع ۾ ڪابل تي طالبان جي قبضي کان اڳ بھ پاڪستان دهشتگردي کان مڪمل محفوظ نه هو، پر دهشتگرديءَ  تي ضابطو آندو هو.تاثر ڏنو ويو تھ پاڙيسري ملڪ ۾ هڪ دوست گروپ جي حڪومت قائم ٿي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان لاءِ ڪو خطرو ناھي. پاڪستان جي ڳجهي اداري ISI جو سربراهه طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ جي هفتي اندر ڪابل ويو ۽ صحافين کي ٻڌايو ته هو ”افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي“ جي خواهش کڻي آيو ھو.

دوري بابت سرڪاري بيان جاري نه ٿيو. پر سمجهيو ويو  ته ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد طالبان قيادت سان ڳالهيون ۽ پاڪستان پاران خير سگالي پيغام کڻي ويو ھو. انٽيليجنس ايجنسي جي اعليٰ قيادت جي دوري کي ڳجهو رکبو آھي.پر جنرل فيض حميد جي ڪابل ۾ موجودگيءَ کي ظاهر ڪيو ويو.شايد ان جو سبب ڪجهھ ملڪن کي اھو تاثر ڏيڻ ھو تھ طالبان اسان جا پنھنجا آھن. ڪجهه وقت کان پوءِ پهرين طالبان سرحد تي ڏنل واڙ تي  حملا ڪيا۽ پوءِ تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ واڌ ٿي جنھن سان اھا خوش فھمي دور ٿي وئي.

صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ  افغان طالبان جي تجويز کي قبول ڪندي تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهيون شروع ٿيون. ان دوران ٽي ٽي پي جي ڪافي ڪارڪنن کي معافي ڏني وئي ۽ پاڪستان واپس اچڻ جو موقعو ڏنو ويو. پر نه ته افغان طالبان پاڪستاني قيادت سان ڪيل واعدن تي عمل ڪيو ۽ نه ئي ٽي ٽي پي پاڪستاني آئين ۽ قانون جو احترام ڪيو.

هاڻي لڳي ٿو ته ان دور ۾ جن عنصرن کي پاڪستان ۾ واپس اچڻ ۽ آباد ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، انهن سگھاري ٿيڻ بعد ٻين عنصرن کي دهشت گردي ڏانهن مائل ڪيو ۽ پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. هاڻ پاڪستان ،ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو الزام ڪابل تي وجھي ٿو ۽ ڪابل حڪومت جو ترجمان، پاڪستاني الزام رد ڪندي دعويٰ ڪري ٿو ته آمريڪا سان ٿيل معاهدي موجب کين افغان سرزمين تي دهشتگرد گروپن کي منظم ڪرڻ جي اجازت ناهي.

دنيا ۽ خاص طور تي آمريڪا ۽ اولھھ جا ملڪ خود دهشتگردي جو نشانو ناھن. انڪري اھو  پاڪستان جو مسئلو ٿي ويو آهي. ساڳئي وقت پاڪستان ۽ ان جي  فوج ان حقيقت کي منھن ڏئي رھي آھي.ته ٻن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان کي دهشتگرديءَ جو اڪيلي سر مقابلو ڪرڻو پئجي رھيوآهي.ڪنھن ٻئي ملڪ يا انٽيليجنس جي سپورٽ موجود نھ آهي.

چئي سگهجي ٿو ته آمريڪا ٻن افغان جنگين ۾ استعمال ڪرڻ بعد پاڪستان کي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي هر گذرندڙ ڏينهن سان اهو واضح ٿيندو پيو وڃي ته خطي ۾ چين سان اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي لڙائي ۾ آمريڪا ۽ اولھھ  جو اصل دوست ھندستان آھي.سھڪار جا سمورا منصوبا ھاڻي ھندستان سان طئي ٿي رھيا آھن.اولھه جي دوست  عرب ملڪ، چين جي مقابلي  آمريڪي مفادن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ تيزي سان ھندستان ۾ سيڙپ ڪري رھيا آھن. هندستاني حڪومت جي انسانيت خلاف ڏوهن جي باوجود عالمي سفارتڪاري ۾ ان جي مذمت ٻڌڻ ۾ نٿي اچي.

عالمي سياست ۽ سفارتڪاريءَ ۾ هندستان جي اثر ۽ طاقت جو اندازو ڪئناڊا ۾ هڪ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي موت تي هندستان جي جرئت ۽ ڪينيڊا جي بيوسي مان لڳائي سگهجي ٿو.

اها صورتحال پاڪستان لاءِ ڳڻتي جوڳي هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي نظر ۾ پاڪستان ان ئي چين جو اتحادي آهي، جنهن جي خلاف ڀارت سان معاشي ۽ اسٽريٽجڪ گهيرو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي. ٻئي طرف پاڪستان کي خبر ناهي ته ان کي آمريڪا سان گڏ هلڻو آهي يا حقيقي معنيٰ ۾ چين جو اتحادي بڻجي پنهنجي بارگيننگ پوزيشن مضبوط ڪرڻي آهي. افغانستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾آمريڪا جي پارٽنرھئڻ باوجود پاڪستان نه رڳو دهشتگرد گروپن کي پنهنجي ملڪ ۾ وڌڻ ۽ اسرڻ جو موقعو ڏنو پر ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مذهبي انتهاپسندي جي ناڪاري اثرن کي به منهن ڏيڻو پيو. ان جنگ جي ڪري ئي ملڪ جي معيشت تباهه ٿي آهي. فوجي قيادت آمريڪي امداد جي زور تي ملڪي سياست تي تسلط قائم ڪرڻ جي عادي ٿي چڪي آهي. ۽ ملڪ ۾ فرقيواراڻي ورهاست، مذهبي نفرت کان سواءِ، هاڻي سماج کي سياسي بنيادن تي ورهائي رهي آهي. آمريڪي امداد جي بند ٿيڻ بعد هاڻي قومي دفاع جو دارومدار به آءِ ايم ايف جي مدد ۽ دوست ملڪن جي سخاوت تي آهي.

تنهن هوندي به حڪمران وڌندڙ دهشتگردي جي موجوده صورتحال جي سنگين خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪھڙي حڪومت جي شڪل ھجي ان تي فيصلو نھ پيا ڪري سگھن ۽ اهو ڪهڙو پليٽ فارم آهي جنهن تي سمورا ادارا ۽ سياسي ۽ مذهبي جماعتون گڏ ٿي ملڪ جا مسئلا حل ڪري سگهن ٿيون.

افراتفري، نفرت ۽ تعصب وڌي ويو آهي. پاڪستان مالي طور تي ڏيوالپڻي ۽ سفارتي طور تي تنھا ٿي چڪو آهي.

قوم قيادت کان محروم آهي ۽ فوج عوام ۾ پنهنجي مقبوليت ثابت ڪرڻ لاءِ گيلپ پول جو سھارو ڳولي رھي آھي.

اهڙي صورتحال ۾ مستونگ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ ،قومي قيادت جون اکيون کولڻ ۽ ڪنهن ٺوس حڪمت عملي ڏانھن وڌڻ جو سبب ٿي سگهندو؟ اهو ممڪن آهي، پر ان لاءِ هر سطح ۽ هر شعبي جي قيادت کي وڏي دل  سان ڪم ڪرڻو پوندو ۽ وسيع تر قومي جذبي سان هڪ ٻئي سان احترام جو رشتو قائم ڪرڻو پوندو. قومي اتحاد رڳو نعرن سان حاصل نه ٿو ٿي سگهي، پر ان لاءِ سڀني کي پنهنجي خول مان ٻاهر نڪري وڏي مقصد لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.