ماڙي جلباڻي وارو سانحو ۽ ٻڌي جي گهرج

تحرير: آزاد اي رحمان سپڙو

سڪرنڊ جي هڪ ڳوٺ ماڙي جلباڻي تي فوسرز جو هلان ڪري ٻه ڏينهن اڳ جنهن طريقي سان نه صرف مردن کي پر عورتن کي به قتل ڪري سنڌي قوم کي بلڪل ننڌڻڪو، لاوارث ۽ يتيم سمجهندي، هڪ پلاننگ تحت بيدرديءَ  سان ماريو ويو آهي،  اها سڌي ريت غنڊه گردي ۽ دهشتگردي آهي.

سنڌي قوم سان هي امن ۽ امان قائم ڪرڻ جي نالي تي، نهايت ظلم، ڏاڍ، جبر، قهر، ڪيس، بربريت ۽ ننگي جارحيت آهي، جنهن جي سنڌي قوم جو هر باشعور طبقو توڙي هر باشعور فرد شديد لفظن ۾ مذمت ڪرڻ کي بلڪل ننڍي ڳالهه سمجهي ٿو ۽ سنڌي قوم کي ان طرف ڌڪيو پيو وڃي جيئن ماضيءَ  ۾ مظلوم بنگالين کي ڌڪيو ويو.سنڌ جو مظلوم عوام ملڪ ۾ انصاف مهيا ڪندڙ سمورن ادارن کان هن معاملي جي آزاداڻي ۽ ايمانداراڻي طور صاف ۽ شفاف عدالتي جاچ جو مطالبو ٿو ڪري.

ان ڳالهه ۾ هڪ ذري برابر به ڪو شڪ نه رهيو آهي ته سنڌي قوم خلاف هڪ وڏي منظم سازش تحت کيس پنهنجي ئي ڌرتيءَ  تي بي وطن ڪري، غلام بڻائي، ماري ۽ ميساري ختم ڪرڻ جي هڪ ڀيانڪ سازش تي ڪافي عرصي کان مسلسل ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي قوم دشمن قوئتون هن پلاننگ ۾ گڏ نظر اچي رهيون آهن.

جيڪڏهن سنڌي قوم جي سمورين محبت وطن حلقن ۽ سنڌي عوام، اڄ سنڌي ماڻهن جي انهيءَ  قومي نسل ڪشي واري ڀيانڪ سازش کي پوريءَ  ريت سمجهي شعور جو مظاهرو ڪري ۽ هن وقت پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته پوءِ اسانجي هن مظلوم قوم کي تباهي کان ڪوئي به بچائي نه سگهندو.

سنڌي قوم جا مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ نسل به سنڌ جي اصل پراڻن وارثن ڀيلن، باگڙين ۽ ٻين ڪيترن ئي اقليت ۾ رهندڙ سنڌ جي حقيقي وارثن وانگر ڌارين جا غلام بڻجي هن مؤجوده وقت کان به وڌيڪ هرلحاظ کان ابتر حالت ۾ هوندي، عذاب ۽ ذلت واري زندگي گذاريندا رهندا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين سماج م رهندڙ سمورا باشعور سنڌي ماڻهو هن قومي نسل ڪشي واري سازش جي خلاف هر صورت ۾ گڏجي، قومي ٻڌي ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيون.هن وقت سنڌ جون حالتون اسان سڀني کان اها تقاضا ٿيون ڪن ته اسانجو ڀل سياسي مؤقف الڳ هوندي به قومي نقطي ته بلڪل هڪ ٿي وڃون.

سنڌ ڌرتيءَ  تي پنهنجي قومي وجود جي تشخص کي برقرار رکڻ خاطر، ايندڙ نسل کي انهيءَ  ماراماري ۽ ذلت واري زندگيءَ  کان بچائڻ لاءِ سمورا مظلوم سنڌي متحد ٿي وڃون ته جيئن سنڌي قوم مٿان ٿيندڙ قومي ظلم جي خلاف هڪ سگهارو آواز بڻجي سگهون.

ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ مظلوم سنڌي عورتن ۽ مردن جو هن ريت بيگناه قتل ۽ ٻيا ماضي ۾ ٿيل ظلم جا واقعا اسان سڀني سنڌي ماڻهن کي سياسي وابستگيءَ  کان بالاتر ٿي، قومي لحاظ کان متحد ٿيڻ جي لاءِ اڄ اسان سڀني کي پڪاري رهيا آهن.جيڪڏهن اڄ به اسين هن قومي سازش خلاف مجرماني خاموشي اختيار ڪري، وري به سياسي توڙي ٻين مصلحتن سبب ورهايل رهياسين، متحد ۽ منظم ٿي ظلم خلاف جدوجهد نه ڪئيسون ته پوءِ ياد رکو ته اسين سڀ تواريخ جي ڪٽهڙي ۾ مجرم هونداسين ۽ پنهنجي پنهنجي عملن ۽ ڪرتوتن جي لحاظ کان انهيءَ  ذلت جا گڏيل ذميوار ليکيا وينداسين.

دنيا جي تواريخ گواه آهي ته جيڪي قومون تواريخ مان سبق پرائي، متحد ۽ منظم ٿي قوم دشمنن سان مقابلو نه ڪنديون آهن، اهي قومون آهسته آهسته صفحي هستيءَ  تان مٽجي تباه ۽ برباد ٿي وينديون آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.